Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

ڇڏيو۔ راوي چون ٿا: فَجَمَعَهَا رَسُولُ اللّٰهِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ثُمَّ قَامَ فَدَعَا مَا شَاءَ اللّٰهُ اَنْ يَدْعُوَ يعني مٺي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سمورين شين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو،  پوءِ پاڻ ڪريم اٿيا ۽ ان تي الله پاڪ جي مرضي سان جيڪا دعا ڪرڻي هئي اها ڪيائون۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ لشڪر جي تمام ماڻهن کي حڪم ارشاد فرمايائون ته پنهنجا پنهنجا ٿانوء هن سان ڀري وٺن۔ راوي فرمائن ٿا ته: فَمَا بَقِىَ فِى الْجَيْشِ وِعَاءٌ اِلاَّ مَلاؤهُ وَبَقِىَ مِثْلُهُ يعني لشڪر ۾ موجود تمام ماڻهن جا ٿانوء ان سان ڀرجي ويا ۽ اهو کاڌو ائين ئي رهيو، ان ۾ به ڪجھ ڪمي نه آئي۔‘‘ اهو ڏسي حضور نبي ڪريم، رَءُوفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايترو مرڪيا جو سندن مبارڪ ڏاٺون ظاهر ٿي ويون۔ ارشاد فرمايائون: اَشْهَدُ اَنْ لاَ اِلٰہَ اِلاَّ اللّٰهُ وَاَنِّى رَسُولُ اللّٰهِ لاَ يَلْقَى اللّٰهَ عَبْدٌ مُؤْمِنٌ بِهِمَا اِلاَّ حُجِبَتْ عَنْهُ النَّارُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ يعني مان گواهي ڏيان ٿو ته الله پاڪ کان سوا ڪو به معبود ناهي ۽ مان الله پاڪ جو رسول آهيان۔ اهي ٻئي ڪلما پڙھڻ وارو سڀاڻي بروز قيامت الله پاڪ سان هن حال ۾ ملاقات ڪندو جو ان جي ۽ دوزخ جي وچ ۾ هڪ اوٽ (Barrier) قائم ڪئي ويندي۔ (مسند احمد،حديث ابي عمرة الانصاري ،۵/۲۶۴،حديث:۱۵۴۴۹)

کَونَین بنائے گئے سرکار کی خاطر

کَونَین کی خاطِر تمہیں سرکار بنایا

کُنجی تمہیں دِی اپنے خزانوں کی خُدا نے

مَحبُوب کِیا مالِک و مُختار بنایا

٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ سان جتي رسولِ ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دعا جون برڪتون معلوم ٿيون اتي اَمِيرُ المؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي طرزِ عمل مان اها به خبر پئي ته هميشه ٻين جي خير خواهي جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔