Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

۽ رسول ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تَعلِيم تَمام اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة السَّلَام جي تَعليمات جو عطر (يعني نِچوڙ) آهي ۽ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا ۾ هڪ عالمگير ۽ اَبَدي دِين کڻي تَشرِيف فرما ٿيا ۽ عالمِ ڪائنات ۾ اَوَّلين ۽ آخرين جون تمام قومون ۽ مِلّتون پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُقدَّس دَعوت جي مُخاطَب هيون، ان ڪري الله پاڪ سندن مُقدَّس ذات کي اڳوڻن نبين جي سمورن مُعجزن جو مَجموعو (Collection) بڻائي ڇڏيو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي قِسم قِسم جي اهڙن بيشُمار مُعجزن سان سرفراز فرمايو جيڪو هر طَبقي، هر ٽولي، هر قوم ۽ تَمام اَهلِ مَذاهب جي مِزاجِ عَقل ۽ سمجهه جي لاءِ ضَروري هو۔ يعني الله پاڪ تمام نبين جي سردار، محبوبِ غفار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهڙا اهڙا معجزا عطا ڪيا جيڪي هر قوم بلڪ اسلام جي علاوه ٻين مذهبن سان تعلق رکڻ وارن جي مزاج ۽ سوچ جي به مطابق هئا. (سيرتِ مُصْطَفٰے، ص ۷۱۲ تا ۷۱۴،ملخـصًا و ملتقطاً) ان کان علاوه بي شُمار اهڙن مُعجزن سان به الله پاڪ پنهنجي آخِري پَيغمبر، شَفيعِ مَحشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مُمتاز فرمايو، جيڪي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون خاصيتون چيو وينديون آهن۔ يعني هي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اهي ڪمال ۽ مُعجزا آهن، جيڪي ڪنهن ٻي نَبي ۽ رَسُول کي عَطا نه ڪيا ويا۔ (سيرتِ مُصْطَفٰے، ص ۸۲۰ ملخـصاً) تنهنڪري اسان جي آقا، مڪي مَدَني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات اُها ذات آهي جنهن ۾ سڀني معجزن کي جمع ڪيو ويو آهي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! غمخوارِ امت، تاجدار رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي امت تي شفقت ۽ محبت هڪ اهڙي سمنڊ جيان آهي جنهن جي گهرائي ۽ ڪناري جو اسان مان ڪنهن کي به علم ناهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي امت سان محبت ۽ شفقت جو بيان قرآنِ ڪريم ۾ به موجود آهي، جيئن سيپارو11 سوره توبهه جي آيت نمبر 128 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: