Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

ترجمو ڪنزالايمان: هي رسول آهن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني انهن مان ڪنهن سان الله ڪلام فرمايو ۽ ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي درجا بلند ڪيائين.

تفسير صراط الجنان جلد1صفحي 379 تي هن آيت سڳوري جي تحت آهي: ٭ جن جي باري ۾ فرمايو ويو ته اسان انهن کي ڪيئي درجا بلندي عطا ڪئي ان مان مراد اسان جا آقا و مولا، ملجاء و ماويٰ، حضور پرنور، سيد الانبيا، جنابِ محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن۔ ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيترن ئي درجات سان تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام تي فضيلت عطا فرمائي۔ ٭ هن جاءِ تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نالي جو ذڪر نه فرمائڻ به سندن شان جي بلندي جي لاءِ آهي۔ هيئن ته ٻڌائڻ مقصد آهي جو جڏهن به انبياءِ ڪرام عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام تي فضيلت جو ذڪر ڪيو وڃي ته ڪنهن ٻي پاسي گمان نه وڃي بلڪه صرف حضور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي ذات ئي ذهن ۾ اچي۔ ٭ حضورِ پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون اهي خاصيتون (Qualities) ۽ ڪمال جن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام تي فائق ۽ افضل آهن ۽ انهن ۾ اوهان جو ڪوئي شريڪ ناهي، بي شمار آهن۔ ڇوته قرآنِ ڪريم ۾ اهو ارشاد ٿيو آهي ته درجن کي بلند ڪيو ۽ انهن درجن جو ڪو شمار قرآنِ ڪريم ۾ ذڪر ناهي ڪيو ويو ته هاڻي انهن درجن جي ڪير حد لڳائي سگھي ٿو۔ ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ملڻ وارن خاصيتن مان ڪجھ هي آهن جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رسالت عام آهي يعني تمام ڪائنات سندن جي امت آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نبوت ختم ڪئي وئي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام کان وڌيڪ معجزا عطا ڪيا ويا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امت کي تمام امتن تي افضل ڪيو ويو۔ حوضِ ڪوثر، مقامِ محمود، شفاعتِ ڪبريٰ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ٿي۔ شبِ معراج خاص قرب ِ الٰهي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مليو۔ ان جي علاوه بي انتها خاصيتون پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ٿيون۔     (مدارڪ، البقرة، تحت الآية: ۲۵۳، ص۱۳۰-۱۳۱، جمل، البقرة، تحت الآية: ۲۵۳، ۱/۳۱۰ ، خازن، البقرة، تحت الآية: ۲۵۳، ۱/۱۹۳-۱۹۴، بيضاوي، البقرة، تحت الآية: ۲۵۳، ۱/۵۴۹-۵۵۰، ملتقطاً)