Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

ڪو مريد ان مرض کان بچي سگهي۔ (الانوار القدسيه، الجزء الثاني، ص ۲۹)

سدا پِیر و مُرشد رہیں مُجھ سے راضی

کبھی بھی نہ ہوں یہ خَفا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف ۽ سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪريو،

تعارفِ اعليٰ حضرت ۽ سيرتِ رضا جون ڪجھ جھلڪيون

٭ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادتِ باسعادت بريلي شريف ۾ ڏھ (10) شَوّالُ المُڪرَّم 1272ھ ڇنڇر جي ڏينهن وقتِ ظُهر بمطابق چَوڏهن (14) جُون 1856ء تي ٿي۔ (حیاتِ اعلیٰحضرت،۱/۵۸ملخصاً) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والد سڳوري جو نالو مولانا نقي علي خان ( رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) ۽ ڏاڏي جو نالو مفتي رضا علي خان ( رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) هو۔ (فاضل بریلوی علمائے حجاز کی نظر میں،ص۶۷بتغیر قلیل) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو پيدائشي نالو ”محمد“ آهي، امڙ سائڻ ”اَمَّن ميان“ سڏيندي هئي. ٭ والد ماجد ۽ ٻين رشتيدارن ”احمد مياں ۽ ڏاڏي ”احمد رضا“ نالو رکيو. ٭ سندن تاريخي نالو ”اَلمُختَار“ آهي ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نالي کان پهريان ”عبدُ المصطفٰي“ لکندا هئا۔ (تجلیات امام احمد رضا، ص۲۱بتغیر قلیل) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ سنجيده طبيعت جا مالڪ هئا ٭ ڇهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ پاڻ ميلاد النبي جي هڪ مجمعي ۾ فصيح عربي زبان ۾ خطاب فرمائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيائون. (فيضانِ اعليٰ حضرت، ص۸۵) ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٽهڪ نه ڏيندا هئا. ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اُوٻاسي اچڻ تي اڱر ڏندن ۾ وجھندا هئا ته ڪو آواز پيدا نه ٿئي. ٭ قبلي رخ جي ادب جي ڪري گُرڙي ڪرڻ مهل ساڄو هٿ ڏاڙھي شريف تي رکي مٿو جھڪائي پاڻي