Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

ياد رهي! مدني قافلو هجي يا ڪا به نيڪي جيڪا الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪئي وڃي، پوءِ ان جي وسيلي سان دعا ڪري سگهجي ٿي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! صوفياءِ ڪرام شريعتِ مطهره جي پيروي ڪرڻ وارا، خواهشاتِ نفس کي مٽائڻ وارا، فرضن ۽ واجبن جي پابندي ڪرڻ وارا ۽ عشقِ رسول کي پنهنجي سيني ۾ سمائڻ وارا هوندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهڙا صوفي هئا، جن ۾ اهي تمام خوبيون موجود هيون ۽ پاڻ فرضن ۽ واجبن جي پابندي جو خوب اهتمام ڪندا هئا. اچو! هن باري ۾ دورِ رضا جا ٻه ايمان افروز واقعا ٻڌون ٿا:

سفر  ۽ قيام ۾ باجماعت نماز جو اهتمام

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سفر ۽ حضر، صحت ۽ بيماري هر حال ۾ جماعت سان نماز ادا ڪرڻ ضروري سمجهدا هئا۔ جيڪڏهن ڪنهن گاڏي مان سفر ڪرڻ ۾ وقتِ نماز اسٽيشن تي نه ملندو هو ته پاڻ ان گاڏي ۾ سفر ئي نه ڪندا هئا ۽ ٻي گاڏي اختيار ڪندا هئا يا باجماعت نماز جي لاءِ ڪنهن اسٽيشن (Station) تي لهي ويندا هئا ۽ ان گاڏي کي ڇڏي ڏيندا هئا پوءِ باجماعت نماز ادا ڪرڻ کان بعد جيڪا گاڏي ملندي هئي باقي سفر ان ۾ پورو ڪندا هئا۔ (فيضان اعلي حضرت ، ۱۳۶)

نماز سان محبت جو حال

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پير جو آڱوٺو پچي پيو، سندن خاص جراح (زخمن جو علاج ڪرڻ وارو) (جيڪو شهر ۾ سڀ کان تجربيڪار جراح هو ان) هن آڱوٺي جو آپريشن ڪيو، پٽي ٻڌڻ کان پوءِ ان عرض ڪيو: حضور جيڪڏهن حرڪت نه ڪندو ته اهو زخم ڏهن ٻارهن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو نه ته وڌيڪ وقت لڳندو اهو هي چئي