Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

طريقت جي آڙ ۾ سادڙي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن۔ ياد رکو! تَصَوُّف شريعت جي خلاف ورزي ڪرڻ، نمازون ڇڏڻ ۽ نامحرم عورتن جي جھرمٽ ۾ رهڻ يا انهن کان هٿن پيرن تي زور ڏيارڻ جو نالو ناهي، تَصَوُّف منشيات جي نشي ۾ ٻڏي طريقت طريقت جي رٽ لڳائڻ، وار وڌائڻ ۽ رنگ برنگي ڪپڙا پائڻ جو نالو ناهي، جيئن

ظاهري ۽ باطني شريعت جي حقيقت

مدني مذاڪري ۾ ٿيڻ واري سوال ۽ جواب سان گڏو گڏ ڪجهه اضافي تي مشتمل مجموعو بنام”فيضانِ مدني مذاڪره قسط:10“ جي هڪ سوال ۾ آهي: ڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مَجذوب يا فقير جو نالو ڏئي، خلافِ شَريعت ڪمن کي مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ! پنهنجي لاءِ جائز قرار ڏيندي چوندا آهن ته هي طريقت جو معاملو آهي، هي ته فقيري لائن آهي، هر هڪ کي سمجھ ۾ نٿي اچي سگھي۔ پوءِ جيڪڏهن انهن کي نماز پڙھڻ جو چيو وڃي ته مَعَاذَالله عَزَّ وَجَلَّ! چوندا آهن ته اها ظاهري شريعت، ظاهري ماڻهن جي لاءِ آهي، اسان باطني جسمن سان خانه ڪعبه يا مديني ۾ نماز پڙهندا آهيون وغيره وغيره۔ اهڙڻ جي باري ۾ اميراهلسنت ڇا فرمايو ٿا؟ هن سوال جي جواب ۾ امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه فرمايائون:

شريعت ڇڏي خلافِ شرع ڪمن کي طريقت يا فقيري لائن قرار ڏيڻ يا طريقت کي شريعت کان جُدا خيال ڪرڻ گمراهي آهي۔ منهنجا آقا اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شريعت ۽ طريقت جي باهمي تعلق کي هن طرح بيان ڪن ٿا: شريعَت مَنبَع(چشمو) آهي ۽ طريقت ان مان نڪتل هڪ دريا آهي۔ عام طور ڪنهن مَنبَع يعني پاڻي نڪرڻ واري هنڌان جيڪڏهن دريا وهندو هجي ته ان کي زمينن کي سيراب ڪرڻ ۾ مَنبَع جي حاجت ناهي هوندي پر شريعَت اهو مَنبَع(چشمو) آهي جو ان مان نڪرندڙ دريا يعني طريقت کي هر وقت ان جي حاجت آهي ڇوته جيڪڏهن شريعَت جي مَنبَع کان طريقت جي دريا جو تَعلُّق ٽٽي پوي، ته صرف اهو ئي نه