Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

مختصر وضاحت: اي اسان جا مهربان آقا! اسان گناهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڪئي پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ عطا فرمائڻ ۾ ڪا ڪمي نه فرمائي. اوهان تي ڪروڙ ڀيرا درود نازل ٿين.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جو بيان اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي تصوف جي واقعن تي مشتمل آهي، سڀ کان پهريان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيعت ۽ خلافت جو هڪ دلچسپ واقعو، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف (Introduction) ۽ سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون بيان ٿينديون، اعليٰ حضرت کي باجماعت نماز سان ڪيتري محبت هئي، کين توڪل ۽ قناعت ۾ ڪيتري وڏي رُتبي