Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

تصوف ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شريعت ۾ مفتي اسلام ۽ تصوف ۾ ولي ڪامل جي منصب تي فائز هئا۔ ياد رکو! تصوف اتباعِ شريعت جو نالو آهي، تصوف گناهن کان بچڻ جو نالو آهي، تصوف سنتن تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف رضاءِ الٰهي ماڻڻ وارا ڪم ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف حقوق الله جي پاسداري جو نالو آهي، تصوف حقوق العباد جي پابندي (يعني ٻانهن جا حق پورا) ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف دين اسلام تي عمل جو نالو آهي، تصوف نمازن جي پابندي جو نالو آهي، تصوف فرض ۽ واجب ۽ مستحب کي اپنائڻ جو نالو آهي، تصوف مسلمانن جي پريشانين کي حل ڪرڻ جو نالو آهي، تصوف حسنِ اخلاق جو نالو آهي، تصوف مسلمانن جي خير خواهي جو نالو آهي، تصوف نيڪي جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو نالو آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اسان جا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نالي جا نه بلڪه حقيقي صوفي هئا ۽ تصوف جون نشانيون سندن ذاتِ پاڪ ۾ پوري طور تي موجود هيون ۽ مسلمانن جي خير خواهي جو جذبو سندن سيني ۾ گھڻو سمايل هو۔ اچو! هن باري ۾ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌو ۽ ان مان مدني گل چونڊيو،

عيادت جي لاءِ شهر کان ٻاهر ويا

هڪ دفعي شير پور ضلعي پيلي ڀيت (هند) جا ٻه ماڻهو جيڪي اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جا وڏا عقيدت مند هئا، انهن جي رشتيدارن ۾ ڪا عورت بيمار ٿي ته شير پور مان ڪجھ ماڻهو اعليٰ حضرترَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه کي وٺڻ جي لاءِ آٓيا ۽ گڏ هلڻ جي لاءِ بيحد زور ڀريو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه انهن سان هلڻ جو واعدو ڪيو، اسٽيشن تي گھڻا ماڻهو استقبال جي لاءِ موجود هئا، اعلٰي حضرت کي وڏي آرام ۽ عافيت سان وٺي ويا۔ جيئن ئي اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه اتي پهتا ته هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين ته سائين! اوهان شايد ريل (Train) تي سوار ئي ٿيا هوندا جو مريضه کي شفاء ملڻ شروع ٿي وئي۔ هاڻي