Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

تي پهتل هئا، هن حوالي سان سندن سيرت جا ڪجھ واقعا به اسان ٻڌنداسين، خلافِ شرع ڪمن کي طريقت جو نالو ڏيڻ وارن جي باري ۾ عالم سڳورن جيڪي ارشاد بيان فرمايا آهن، اهي به هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين۔ الله ڪري ته اسان دِلجمعي سان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيعت ۽ خلافت  

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي رسالي پیر پر اِعتراض منع ہے جي صَفحي نمبر 47 تي آهي: اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايڪويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد ماجد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ حضرت شاھ آل رسول مارهري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سلسلهء عاليه قادريه ۾ انهن کان بيعت ڪئي، انهن جي ڪامل مرشد (اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي مريد بڻائڻ سان گڏو گڏ) تمام سلسلن جي اجازت ۽ خلافت ۽ حديث جي سند به عطا فرمائي. حالانڪ حضرت شاھ آل رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خلافت ۽ اجازت جي معاملي ۾ گھڻا محتاط هئا، پر جڏهن  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي مريد ٿيندي ئي تمام سلسلن جي اجازت ملي ته خانقاھ جي هڪ خادم کان نه رهيو ٿيو، عرض ڪيائين حضور! توهان جي خاندان ۾ ته خلافت وڏي رياضت ۽ مجاهدي کان پوءِ ڏني ويندي آهي، هن کي اوهان فوراً خلافت عطا فرمائي ڇڏي، حضرت شاھ آل رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان شخص کي ارشاد فرمايو: ماڻهو گنديون دليون ۽ گندا نفس کڻي ايندا آهن، انهن جي صفائي تي ڪافي وقت لڳندو آهي، پر هي پاڪيزگي واري نفس سان آيو هو. صرف نسبت جي ضرورت هئي، اها اسان عطا ڪري ڇڏي. پوءِ حاضرين کي مخاطب ٿي ڪري فرمايائون، مون کي ڪافي عرصي کان هڪ فڪر پريشان ڪري رهيو هو.