Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

جو آٓئنده جي لاءِ ان ۾ پاڻي نه ايندو بلڪ اهو تَعلُّق ٽٽندي ئي درياءِ طريقت هڪدم فنا ٿي ويندو۔ (فتاويٰ رضويه ،۲۱/۵۲۵، ملخّصاً)(مدني مذاڪره قسط:10:ولي الله کی پهچان، ص۲۱)

ظاهري ۽ باطني شريعت جي حقيقت 

صَدْرُالشَّريعه، بَدرُالطَّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: طريقت منافي شريعت (يعني شريعت جي خلاف) نه آهي، اهو شريعت ئي جو باطني حصو آهي، بعض جاهل متصوِّف جيڪي اهو چئي ڇڏيندا آهن ته طريقت ٻي شيء آهي شريعت ٻي، محض گمراهي آهي ۽ ان زُعمِ باطل (غَلَط خيال) جي سبب پنهنجو پاڻ کي شريعت کان آزاد سمجھڻ صريح ڪفر ۽ اِلحاد (ڪفر ۽ بي ديني آهي)۔ احڪامِ شرعيه جي پابندي سان ڪو ولي ڪيترو ئي عظيم هجي آجو نٿو ٿي سگھي۔ بعض جاهل جيڪي اهو بڪي ڇڏيندا آهن ته شريعت رستو آهي، رستي جي حاجت انهن کي جيڪي مقصد تائين نه پهتا هجن، اسان ته پهچي وياسين۔ سيدُ الطائفه حضرت جُنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهن کي فرمايو: صَدَقُوْا لَقَدْ وَصَلُوْا، وَلٰکنْ اِلٰي اَينَ؟اِلَي النَّارِ اهي سچ چون ٿا بيشڪ پهتا، پر ڪاٿي؟ جهنم کي۔ (اليواقيت والجواهر،الفصل الرابع،المبحث السادس والعشرون، باختلاف بعض الالفاظ،ص۲۰۶) البت جيڪڏهن مَجذوبيت(جَذب جي حالت) سان عقلِ تڪليفي زائِل(ختم) ٿي وئي هجي جيئن غشي وارو ته ان کان قلمِ شريعت کڄي ويندو پر اهو به سمجھي وٺو جيڪو ان قسم جو هوندو ان کان اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن نه ٿينديون، شريعت جو مقابلو ڪڏهن نه ڪندو۔ (بهارِ شريعت، حصه اوّل،۱/۲۶۵۔۲۶۷)

مثال طور جيڪڏهن نماز جو چيو وڃي ته انڪار نه ڪندو، بلڪ نماز پڙهندو.  ياد رهي ته هر ڪنهن کي ڏسي ڪري مجذوب سمجهي ان جي پيروي ڪرڻ جي اجازت ناهي. اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو نماز ته مديني ۾ پڙهندا آهن پر کاڌو آستاني ۾. اها ڳالهه چڱي نموني ياد رکڻ گهرجي ته مجذوب کان بيعت نٿي ڪري سگهجي جو اهو ان ڪيفيت ۾ ئي نه آهي جو ٻين جي رهنمائي ڪري سگهي ۽ بيعت جو اهم مقصد ئي دين ۽ شريعت تي عمل جي