Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                             اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نالو رکڻ جا ڪجھ مدني گل

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي پڄاڻي ڏانهن آڻيندي نالو رکڻ جا ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا: پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔ (ابو داود،ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۴۸) (2) فرمايائون: انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي نالن تي نالا رکو۔ (ابوداود، ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۵۰) ٭ ٻار جي ڪنيت رکڻ جائز آهي ۽ حصولِ برڪت جي لاءِ بزرگن جي نسبت سان ڪنيت رکڻ بهتر آهي، مثال طور ابوتراب (اها حضرت سيدنا علي المرتضيٰرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي ڪنيت آهي) وغيره. (بهارِ شريعت،۳/۲۱۳) ٭ عبدالمصطفيٰ، عبدالنبي ۽ عبدالرسول نالو رکڻ بلڪل جائز آهي ڇوته هن سان شرفِ نسبت مقصود آهي۔ عبد جون ٻه معنائون آهن، ٻانهو ۽ غلام، ان ڪري اهو نالو رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔ غلام محمد، غلام صديق، غلام فاروق، غلام علي، غلام حسين وغيره نالو رکڻ جن ۾ غلام جي نسبت انبياء وصالحين ڏانهن ڪئي وئي هجي، بلڪل جائز آهي۔ (بهارِ شريعت ، ۳/ص۲۱۳، ماخوذًا) ٭ محمد بخش، احمد بخش، پير بخش ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا نالا رکڻ جنهن ۾ نبي يا ولي جي نالي سان بخش جو لفظ ملايو ويو هجي، بلڪل جائز آهي(جو اصل ڏيڻ وارو صرف ۽ صرف الله پاڪ  ئي آهي، الله پاڪ جنهن کي چاهي اختيار ڏي ته الله پاڪ جي اختيار ڏيڻ سان ئي ڪو نبي ولي ڏيئي سگهي ٿو(بهارِ شريعت ،۳/۲۱۴) ٭ طه، يسين نالا به نه رکيا وڃن ڇوته اهي الفاظ مُقَطَّعَاتِ قُرآنيه مان آهن جن جي معني معلوم نه آهي۔ (بهارِ شريعت ،۳/۲۱۳) ٭ جيڪي نالا برُا هجن انهن کي بدلي سٺا نالا رکڻ گھرجن۔ (بهارِ شريعت ،۳/۲۱۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد