Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفته وار اجتماع جي بيان جون جهلڪيون

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايندڙ هفته وار اجتماع جي بيان جو موضوع آهي ”آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امّت سان محبت“ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي امت سان ڪيتري محبت آهي. اهو به ٻڌنداسين ته بروزِ قيامت پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ امت جي فڪر ۾ ڪيتري قدر غمگين هوندا، ۽ ڪيئن پنهنجي گنهگار امتين جي بگڙيل بڻائيندا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ امتِ مصطفٰي تي دنيا ۾ جيڪي عنايتون ٿيون ۽ جيڪي آخرت ۾ ٿينديون انهن جون ڪجهه جهلڪيون به بيان ٿينديون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيان ۾ پنهنجي ڪمزور امت کي ڪيترو ياد فرمايو ۽ امت جي ياد ۾ ڪيتري قدر گريه و زاري فرمائيندا رهيا هن باري ۾ به ٻڌنداسين، بيان جي آخر ۾ بزرگانِ ديڻ جي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن سان محبت جا ڪجهه ايمان افروز واقعا به بيان ٿيندا. تنهنڪري ايندڙ جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد