Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

هنڌ عزت ڏني ويندي هئي، انهن جي حوصله افزائي ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي پابندِ سنت اسلامي ڀائرن کي طرح طرح سان ستايو ويندو آهي، تمام گھڻو مذاق اڏايو ويندو آهي، انهن جي دل ڏکائي ويندي ۽ انهن کي عجيب و غريب لقبن سان پڪاريو ويندو آهي۔

وہ دور آیا کہ دیوانۂ نبی کے لیے            ہر ایک ہاتھ میں پتھر دکھائی دیتا ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فيضانِ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان مالا مال عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي هن وَيَل دور ۾ به فيضانِ رضا کي عام ڪرڻ ۽ فيشن وارن مسلمانن کي سُنتن تي آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري رهي آهي۔ لهٰذا فيضان اعليٰ حضرت سان فيضياب ٿيڻ ۽ سنتون اپنائڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ جيترو ٿي سگھي وقت ضرور ڏيو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان ماهوار هڪ مَدَني ڪم” مَدَني قافِله“ پڻ آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلن جي بَرَڪت سان ماڻهن جي زندگين ۾ مَدَني انقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نَفلي اِعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان بي نمازين کي نمازن جي اَهمِّيت معلوم ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان کوڙ ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدن ۾ ذِڪر و اَذڪار، دَرس و بَيانات جو سِلسِلو جاري رهندو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن۔ ٭ ۽ مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي! حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو ٻانهو ذِڪر ۽ نَماز جي لاءِ مسجد کي ٺڪاڻو بڻائيندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کان اهڙو