Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

اچو! بارگاھ الٰهي ۾ دعا ڪريون ٿا:

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                           ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ اَئِمَّه مساجد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ جي برڪت سان نه صرف نمازن بلڪ باجماعت نماز تي استقامت نصيب ٿيندي آهي، تنهنڪري باجماعت نماز ۽ کوڙ نيڪين تي استقامت جي لاءِ اوهان به فيضان اعليٰ حضرت سان مالا مال دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو ۽ سنتن جون ڌومون مچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 104 شعبن ۾ دين متين جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مجلس ِاَئِمَّه مساجد“ به آهي، جيڪو مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ ائمَّه (امامن) خطيبن ۽ مُوذِّنن جي تَقرُّرِي جو ڪم سَراَنجام ڏيندي آهي ۽ انهن جي خَيرخَواهي ڪندي مناسب مُشاهرو (پگھار) به مُقَرَّر ڪندي آهي، ته جيئن هي اسلامي ڀائر مُعاشي پريشانين مان آزاد ٿي خُوب خُوب نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهن۔ مَسجدن کي آباد ڪرڻ ۾ امامن ۽ مُوذِّنن جو اَهمّ ڪردار هوندو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته امام سڳورا، 12 مدني ڪمن مثال طور صداءِ مدينه، اِنفِرادي ڪوشش جي ذَريعي باجماعت نماز جي رَغبت، مَدَني درس، چوڪ درس، بعد نمازِ فَجر مَدني حلقي ۾ شِرڪت، مدني دوري جي ذريعي ان مسجد جي آس پاس جي گھرن ۽ دُڪانن وغيره ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ، پنهنجي مسجد جي نمازين جي هفته وار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ۽ سُنَّتن جي تربِيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني قافِلن جي بَرڪت سان مَسجدن کي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔