Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اعليٰ حضرت جو تصوف

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضور نبي رحمت،شفيعِ اُمَّتصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو آهي: قِيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي عرش جي علاوه ٻي ڪا ڇانو نه هوندي، ٽي (3) شَخص الله پاڪ جي عرش جي ڇانو ۾ هوندا۔ (1) اُهو شخص جيڪو منهنجي اُمتي جي پريشاني دور ڪري (2) منهنجي سنّت کي زندھ ڪرڻ وارو (3) مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ وارو۔ (اَلبُدورُ السّافرة لِلسُّيوطي، ص ۱۳۱حديث: ۳۶۶)

شافعِ روزِ جَزا تم پہ کروروں دُرُود                            دافعِ جُملہ بَلا تم پہ کروروں دُرُود

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد