Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

اِڪسِير عِلاج آهي، منهنجي آقا مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ٻڌايل آهي۔ اِرشاد آهي: صُوْمُوا تَصِحُّوا يعني روزو رکو تَندُرُست ٿي ويندو۔ (معجم اوسط،۶ /۱۴۶، حديث: ۸۳۱۲) جڏهن 1339 هجري جو ماه رَمَضان مئي،جون1921 ۾ آيو ۽ لاڳيتو بيماري ۽ شديد ڪمزوري سبب اعليٰ حضرت (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) پنهنجي اندر گرمي جي موسم ۾ روزو رکڻ جي طاقت نه ڏٺائون ته پنهنجي حق ۾ اها فتويٰ ڏنائون ته جبل تي سردي هوندي آهي اتي روزو رکڻ ممڪن آهي لهٰذا روزو رکڻ جي لاءِ اتي وڃڻ استِطاعت جي سبب فَرض ٿي ويو۔ پوءِ اعلٰي حضرت روزو رکڻ جي ارادي سان ڪوه ڀوالي ضلعو نيني تال تشريف کڻي ويا۔ (تجلياتِ امام احمد رضا، ص۱۳۳ملخصاً) ۽ ائين به نه هو ته روزن ۾ پيٽ ڀري کاڌو کائڻ سندن جي معمول ۾ هو، عام ڏينهن ۾ جيتري غذا اوهان کائيندا هئا رمضان ۾ اها اڃا گھٽ ٿي ويندي هئي، جيئن

روزي ۾ هڪ وقت کائڻ

 خليفه اعليٰ حضرت، حضرت مَولانا محمد حُسين ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته مون رمضان المبارڪ جي 20 تاريخ کان اعتڪاف ڪيو. اعلى حضرت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا ته فرمايائون، ” دل ته چاهي ٿي ته مان به اعتڪاف ڪريان، پر (ديني مصروفيتن جي سبب) فرصت نه ٿي ملي“. آخر 26 رمضان المبارڪ تي فرمايائون،”اڄ کان مان به معتڪف ئي ٿي وڃان“. حضرت مولانا محمد حسين ميرٺي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا،”شام جو کجور وغيره سان روزو ته افطار فرمائيندا هئا پر اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي کاڌو کائيندي مون ڪنهن ڏينهن به نه ڏٺو. سَحَريءَ جي لاءِ رُڳو هڪ ننڍڙي پيالي ۾ کيرڻي ۽ هڪ پيالي ۾ چٽڻي ايندي هئي،  اها نوش فرمائيندا هئا.“ هڪ ڏينهن مون پڇيو، ”حضور! کيرڻي ۽ چٽڻيءَ جو ڇا جوڙ؟ “فرمايائون،” لوڻ سان کاڌو شروع ڪرڻ ۽ لوڻ تي ئي ختم ڪرڻ سنّت آهي.“ان لاءِ چٽڻي ايندي آهي. (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۱۳ ملتقطا ًً)