Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

حضور جا مبارڪ قدم اچي ويا آهن ته هاڻي بلڪل صحت ياب ٿي ويندي
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ اعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ٻه ڏينهن ترسيا، الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مريضه ٺيڪ ٿي وئي ، وڏي ادب ۽ تعظيم سان اعليٰ حضرترَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه کي رخصت ڪيو ويو۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۸۳ ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ باڪرامت ولي هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وُجودِ مسعود جي برڪت سان بيمارن کي شفا ملندي هئي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏينهن رات خدمتِ دين ۾ مشغول رهڻ جي باوجود ماڻهن جي دِلجوئي ۾ اڳتي رهندا هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بلاوجه شرعي ڪنهن جي دل نه ڏکوئيندا هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن به ڪنهن سان واعدو ڪندا هئا ته ان کي ضرور پورو ڪندا هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مريضن جي عيادت واري سنت تي عمل ڪندا هئا۔ اچو! ڪجهه دير جي لاءِ اسان پنهنجو پاڻ تي غور ڪريون ته ڇا خدمتِ دين جو اهو مدني جذبو اسان جي اندر به موجود آهي؟، ڇا اسان جا سينا به مسلمانن جي دلجوئي جي جذبي سان سرشار آهن؟، ڇا اسان به وعدي جي پابندي ڪريون ٿا؟، ڇا اسان کي به مريضن جي عيادت ڪرڻ جي سعادت ملي ٿي؟، جيڪڏهن نه! ته اچو! گڏجي نيت ڪريون ٿا ته اعليٰ حضرت جي نقشِ قدم تي هلندي دينِ اسلام جي خوب خوب خدمت ڪنداسين، مسلمانن جي دلجوئي ۾ اڳتي رهنداسين، بلاوجه شرعي ڪڏهن به ڪنهن مسلمان جي دل نه ڏکوئينداسين، واعدو ڪنداسين ته ان کي ضرور نڀائينداسين، مريضن (Patients) جي عيادت واري سُنّت تي عمل جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بناوٽي صوفي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي دور ۾ تَصَوُّف کي هڪ عجيب رنگ ڏنو ويو آهي، شريعت جي خلاف ورزين ۽ فسق ۽ فجور ۾ مبتلا ماڻهو تصوف ۽