Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

خوش ٿيندو آهي جيئن ماڻهو پنهنجي گمشده شخص جي پاڻ وٽ موٽڻ تي خوش ٿيندا آهن۔'' (ابن ماجه،ڪتا ب المساجد … الخ،با ب لزوم المساجد …الخ،۱/ ۴۳۸، رقم :۸۰۰) اچو! ترغيب لاءِ مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

ٽَنگن جي سور مان نجات ملي

زم زم نگر حيدرآباد (باب الاسلام سندھ) جي اسلامي ڀاءُ جي ٽَنگن ۾ ايتري قدر شديد سور رهندو هو جو اٿڻ ويهڻ مشڪل ٿي ويو ۔ ان سور کان ڇوٽڪاري جي لاءِ انهن گھڻي رقم خرچ ڪئي۔ باب الاسلام سندھ جي علاوه پنجاب جي ڪيئي ڊاڪٽرن کان به علاج ڪرايو پر ڪو فائدو نه ٿيو۔ هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ان جي ملاقات ٿي گفتگو دوران ان اسلامي ڀاءُ سان پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪيو ته انهن شفقت ڀري انداز ۾ انفرادي ڪوشش ڪئي ۽ انهن کي مدني قافلي ۾ سفر جون برڪتون ٻڌائيندي چيائين ته اوهان ايترو علاج ڪرايو آهي جيڪڏهن چاهيو ته هڪ ڪوشش اها به ڪري ڏسو ته مدني قافلي جي برڪت سان جتي هزارين ماڻهن جا مسئلا حل ٿيا آهن، اتي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ راھ خدا ۾ سفر جي برڪت سان اوهان کي به فائدو ٿيندو۔ ان اسلامي ڀاءُ جون اهي ڳالهيون ان جي دل تي اثر ڪري ويو ۽ هو ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جي لاءِ تيار ٿي ويو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ جڏهن ان مدني قافلي ۾ سفر ڪيو ته اتي روئي روئي پنهنجي بيماري کان شفا جي لاءِ دعا ڪئي، ان جي دعا قبول ٿي ۽ قافلي جي برڪت سان ان کي سور مان نجات ملي وئي۔

گرچہ بیماریاں، ہوں کہیں پتھریاں                           پاؤ گے صحّتیں ، قافِلے میں چلو

ہے شفا ہی شفا، مرحبا! مرحبا!                                   آکے خود دیکھ لیں، قافِلے میں چلو

دُور بیماریاں اور پریشانیاں                                       ہوں گی بس چل پڑیں، قافِلے میں چلو

سُن لے عطاّرؔ کی، اپنے غمخوار کی                               یہ ندا ’’سب چلیں‘‘! قافِلے میں چلو