Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

الحمد لله عَزَّوَجَلَّ اهو اڄ دور ٿي ويو، قيامت ۾ جڏهن الله پاڪ پڇندو ته آل رسول! اسان جي لاءِ ڇا آندو اٿئي؟ ته مان پنهنجي مريد احمد رضا خان کي پيش ڪري ڇڏيندس، پوءِ حضرت شاھ آل رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهي تمام اعمال و اشغال(وظيفه) عطا فرمائي ڇڏيا، جيڪي خاندانِ برڪاتيه ۾ سينه بسينه هليا پئي آيا.

عاشقِ اعلٰي حضرت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مجموعه ڪلام ”وسائلِ بخشش“ ۾ فرمائن ٿا:

جو ہے اللہ کا ولی بے شک       عاشقِ صادقِ نبی بے شک 

غوثِ اعظم کا جو ہے مَتوالا       واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اسان جا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تصوف جي ڪيتري قدر عظيم رتبي تي پهتل هئا، حالانڪ 21 سالن جي ڦوھ جواني ۾ ته اُميدون جوان هونديون آهن، چئني پاسن کان خواهشن جو هجوم هوندو آهي، دنيوي عيش ۽ لذتن سان لطف اندوز ٿيڻ معمول بڻجي ويندو آهي، نفس ۽ شيطان پوري طاقت سان انسان کي فڪر آخرت ۽ نيڪ عملن کان غافل ڪري ان جي قبر ۽ آخرت کي تباھ ڪرڻ ۾ مصروف (Busy) رهندا آهن، انسان تي مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ ۽ بينڪ بيلنس وڌائڻ جو جنون سوار رهندو آهي، مطلب ته هن عمر ۾ انسان عام طور الله پاڪ جي ياد کان غافل رهندو آهي پر قربان وڃجي! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي! جن جواني جي نعمت جي قدر ڪندي انهن تمام بُرائين کان پنهنجي دامن ۽ پنهنجي باطن کي پاڪ ۽ صاف رکيائون، ننڍپڻ کان ئي زُهد ۽ تقويٰ کي اختيار ڪيائون ۽ سنت جي مطابق زندگي گذاريائون، ان ڪري جڏهن پاڻ پنهنجي چمڪدار باطن سان حضرت شاه آلِ رسول رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه