Book Name:Aala Hazrat Ka Tasawwuf

جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ته انهن پنهنجي نورِ فراست سان اوهان جي باطن کي ملاحظه فرمائي ورتو ۽ هٿوهٿ اوهان کي اجازت ۽ خلافت ۽ سندِ حديث عطا فرمائي، هنن تمام انعامن ۽ اڪرامن سان نوازڻ کان بعد اوهان جي پير ومرشد پنهنجي هن ڪامل مريد جي شان ۽ عظمت کي هن طرح روشن فرمايو ته قيامت ۾ جڏهن الله پاڪ پڇندو ته ”آل رسول! اسان جي لاءِ ڇا آندو اٿئي؟ ته مان پنهنجي مريد احمد رضا خان کي پيش ڪندس۔“

بيان ڪيل حڪايت مان اهو مدني گل به مليو ته جيڪڏهن پير پنهنجي ڪنهن مريد کي نوازي ته ان عطا تي پنهنجي پير ڀاءُ کان هرگز حسد نه ڪري، ڪنهن پير جو پنهنجي مريد کي نوازڻ ڪيئي طريقن سان ٿي سگهي ٿو مثال طور ڪو مريد پنهنجي پير جي هر فرمان تي لبّيڪ چوڻ وارو، نه صرف لبّيڪ چوڻ وارو بلڪ ان فرمان کي نهايت ئي محبت ۽ عقيدت سان، دل ۽ جان سان قبول ڪري ان تي عمل ڪرڻ وارو هجي ته يقينًا پير به اهڙي مريد سان خوش ئي ٿيندو، ان سچي مريد تي پنهنجي پير جي طرف کان عطائن ۽ نوازشن جون بارشون ئي ٿينديون، تنهنڪري ڪنهن اهڙي مريد سان ڪڏهن به حسد نه ڪرڻ گهرجي نه ته ان جو نقصان خود انهيء کي کڻڻو پئجي سگهي ٿو۔ جيئن ته حضرت سيدنا امام عبدالوهاب شعراني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا ته مريد تي لازم آهي ته جڏهن ان جو مرشد ان جي پير ڀائرن مان ڪنهن هڪ کي ان کان اڳتي وڌائي (يا ڪوئي منصب عطا ڪري) ته هو پنهنجي مرشِد جي اَدَب جي ڪري پنهنجي ان پير ڀاءُ جي خدمت (۽ اطاعت) ڪري ۽ حَسَد هرگز نه ڪري۔ نه ته ان جا ڄميل پير ٿِڙي ويندا ۽ ان کي وڏو نقصان پيش ايندو۔ پر جيڪڏهن ڪو مريد پنهنجي پير ڀائرن کان اڳتي وڌڻ چاهي ته ان کي گھرجي ته هو پنهنجي مرشد جي خوب اطاعت ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي اهڙن وصفن سان آراسته ڪري جن ذريعي هو اڳتي وڌڻ جو حقدار ٿئي ۽ ان وقت مرشد به ان کي انهيء پير ڀاءُ جيان ٻين پير ڀائرن کان اڳتي وڌائي ڇڏيندو ڇوته مرشد ته مريدن جو حاڪم ۽ انهن جي وچ ۾ عدل ڪرڻ وارو هوندو آهي ۽ تمام گھٽ آهي جو