Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

ٿيندو۔ اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

بغض ۽ ڪينو نڪري ويو

 بھلوال (ضلع گلزار طيبه سرگوڌا، پنجاب، پاڪستان) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان گمراهي جي اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيو هو، ان بري صحبت جي نحوست جو رنگ ايتري قدر غالب هو جو دعوتِ اسلامي جو نالو وٺڻ به پسند نه ڪندو هو، ان جي زندگي جا ڏينهن رات انهيء بغض ۽ ڪيني ۾ گذري رهيا هئا۔ هڪ ڏينهن هو پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ نمازِ مغرب جي ادائيگي جي لاءِ ويو، نماز کان بعد مسجد ۾ ”درسِ فيضانِ سُنّت“ ٿي رهيو هو، ان جي خوش قسمتي ته هو درس ۾ شريڪ ٿيو۔ مدني درس(درسِ فيضانِ سُنّت) کان پوءِ ان اسلامي ڀاءُ سان سختي واري انداز ۾ بحث مباحثو شروع ڪيو پر اهو اسلامي ڀاءُ وڏي پياري انداز ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جون برڪتون ٻڌائڻ سان گڏوگڏ سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو ذهن به ڏيندا رهيا، الله ڪريم جي فضل ۽ ڪرم سان هو هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويو، سُنتن ڀري اجتماع ۾ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان پوءِ ذِڪرُ الله ۽ آخر ۾ رقت انگيز دعا ته ان جي دل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ان سچي دل سان توبه ڪئي ۽ سُنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

ہے تجھ سے دعا ربّ اکبر! مقبول ہو’’فیضانِ سُنّت‘‘                مسجد مسجد گھر گھر پڑھ کر،اسلامی بھائی سناتا رہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت ئي باڪمال شخص هئا، اهو ئي سبب هو جو اوهان هڪ ئي وقت ڪيئي ذميداريون نڀائي رهيا هئا، درسِ نظامي جا بهترين مدرس(Teacher) هئا، زبردست عالم هئا، تجربي ڪارمفتي هئا، هڪ ڪامياب اِمام هئڻ سان گڏوگڏ مرڪزي مجلسِ شوريٰ جا رڪن به هئا پر ان جي باوجود سندن شخصيت ۾ عاجزي ۽ انڪساري نمايان