Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

سڌارڻ جي لاءِ سختي ڪيون ۽ شريعت جون حدون ٽوڙي پاڻ گناھگار ۽ جهنم جا حقدار بڻجي وڃون۔

الله پاڪ اسان کي نرمي جي عادت اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
 
                                                 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

بنادو صَبْر و رضا کا پیکر،                                                        بنوں خوش اخلاق ایسا سَرْوَر

رہے سدا نَرْم ہی طبیعت،                                                 نبیِّ رَحمت شفیعِ اُمّت

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ذات ۾ نرمي جو وصف ۽ وڌيڪ اعلي وصف پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته (Associate) ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ ٭ ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو۔ ٭ ”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي!!

منقول آهي ته الله ڪريم حضرت سيدُنا مُوسيٰ عَلٰيه السَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: اي مُوسيٰ! ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو مان ڀلائي سکڻ سيکارڻ وارن جون قبرون روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حليۃ الاولياء،ڪعب الاحبار، ۶/۵ ،رقم:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين سٺين نيتن سان سُنَّتن ڀريو بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا وڏا ڀاڳ آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن جون قبرون اَندران جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس نه