Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

سکڻ جا بي شمار مدني گل آهن، اهي پاڪيزه صفات ماڻهو هر وقت پنهنجي خالقِ حقيقي جي رِضا جي جستجو ۾ هوندا آهن، اهي مقدس ماڻهو دنيا ۾ حقيقت ۾ هڪ مسافر (Traveller) جيان زندگي گذاريندا آهن ۽ هميشه آخرت جي جهان کي پيشِ نظر رکندا آهن، جيئن ڪو دنيا دار پنهنجي دنيا کي بهتر کان بهترين ڪرڻ جي لاءِ فڪر مند رهندو آهي، الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها ان کان گھڻو وڌيڪ پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ مصروفِ عمل رهندا آهن، اهي ماڻهو پنهنجون زندگيون هن طرح سان گذاريندا آهن جو بعد وارن جي لاءِ محض انهن جو ذڪر ڪرڻ به الله پاڪ جون رحمتون ماڻڻ جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ الله پاڪ انهن جي تذڪرن ۾ اهڙو اثر رکي ڇڏيندو آهي جو فقط انهن جي ذڪر جي برڪت سان دلين جي دنيا بدلجڻ لڳندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان ئي ماڻهن جي حالت بدلڻ لڳندي آهي۔ انهن جي ذڪر جي برڪت سان دِلين جي صفائي ٿيندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان رُوح کي تازگي نصيب ٿيندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان فڪر ۽ نظر کي وسعت ملندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان عمل جي رغبت ملندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان دلين ۾ تقوي جو نور داخل ٿيندو آهي، انهن جي ذڪر جي روشني دِل ۽ دِماغ کي زِنده ڪندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان نيڪ وصفن جي رهنمائي ملندي آهي، انهن جي ذڪر جي برڪت سان ربِّ ڪريم جي معرفت نصيب ٿيندي آهي۔ انهن نيڪ عادت ماڻهن مان هڪ مفتي دعوتِ اسلامي مفتي محمد فاروق عطاري مدنيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به آهن۔ اچو! سندن سيرت جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا، پهريان سندن مختصر تعارف ملاحظه ڪريو:

مفتي دعوتِ اسلامي جو مختصر تعارف

٭سندن جو نالو ’’محمدفاروق“ هو۔ ٭ سندن وِلادت 26 آگسٽ 1976 جو رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ فاروق نگر (لاڙڪاڻو باب الاسلام سندھ) ۾ ٿي۔ ٭ ابتدائي تعليم ۽ حفظِ قرآن زم زم نگر (حيدرآباد) باب الاسلام (سندھ) جي