Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

اسلامي ڀائر بيان دوران تسبيح جي ذريعي درود شريف وغيره پڙھندا رهندا آهن، ذِڪر ڪندا رهندا آهن، ياد رکو! هي هن جو موقعو نه آهي، اسان جيئن ته علمِ دِين سکڻ جي نيت سان هتي گڏ ٿيا آهيون ته بيان دوران سڄو ڌيان بيان ڏانهن ئي هئڻ گھرجي، ائين علمِ دين سکڻ تي مشتمل بيان ٻڌڻ به ذِڪرُ الله ئي ۾ شامل آهي۔

زخمي حالت ۾ به نماز ادا فرمائي

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب فيضانِ فاروقِ اعظم جلد اول جي صفحي 758 تي آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جي مبارڪ عادت هئي ته نماز شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اعلان ڪندا هئا: ”اَقِيمُوْا صُفُوْفَکمْ يعني پنهنجون صفون سڌيون ڪريو۔“ پوءِ نماز شروع ڪندا هئا۔ اَبُو لؤلؤ به صف ۾ موجود هو، جيئن ئي سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه نماز شروع ڪئي ته ان اوهان تي خنجر سان حملو ڪيو ۽ ٽي 3 سخت وار ڪيا۔ پاڻ زخمي حالت ۾ هيٺ تشريف کڻي آيا۔ (تاريخ ابن عساڪر،۴۴/۴۱۱ ملتقطاً)

سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جا زخم ايترا شديد ۽ سخت هئا جو ان وقت سندن کي هڪ شربت پياريو ويو ته اهو سڄو شربت زخمن جي ذريعي ٻاهر اچي ويو، ماڻهن سمجھيو ته شايد زخمن مان رت (Blood) وغيره نڪتو آهي۔ تنهنڪري انهن سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه کي کير پياريو ته اهو به زخمن مان ٻاهر اچي ويو۔ (طبقات ڪبري، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۵۹ملخصاً) ايترو شديد زخمي هئڻ جي باوجود به پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه زندگي جي آخري پساھن تائين نماز جو اِهتمام ڪندا رهيا۔ جيئن حضرتِ سيدُنا مِسوَر بِن مَخرَمَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه فرمائن ٿا ته جڏهن حضرتِ سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي نيزي سان زخمي ڪيو ويو ته مان ۽ ابنِ عباس (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) حضرتِ سيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين، انهن تي ڪپڙو وڌل هو اسان چيو: هي نماز جي نالي تي جيترو جلدي اٿندا  ڪنهن ٻي شيءِ جي نالي سان نه اٿندا، پوءِ اسان عَرض ڪيو: يا اميرَ