Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ويهي ڪري نماز پڙھي رهيا هئا، سندن ٻئي پير سُڄيل ها جڏهن رُڪوع ۽ سجدو ڪندا هئا ته هڪ پير موڙي ڇڏيندا هئا جنهن جي سبب گھڻي تڪليف ۽ پريشاني ٿيندي هئي۔ دوستن اها حالت ڏٺي ته چيائون: اي ابُو قاسم! هي ڇا آهي؟ اوهان جا پير سُڄيل ڇو آهن؟ فرمايائون:”اللہ اَکْبَر، اها ته نعمت آهي۔“ حضرت سيِّدُنا ابُو مُحمد حَرِيري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چيو: ”اي ابو قاسم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ! جيڪڏهن اوهان ليٽي پئو ته ڪهڙو حرج آهي؟“ فرمايائون: ”اڃا وَقت آهي، جنهن ۾ ڪجھ نيڪيون ڪيون وڃن، هن کان پوءِ ڪٿي موقعو ملندو۔“ پوءِ اللہ اَکبَر چيائون ۽ سندن رُوح هن فاني دنيا مان عالَمِ بالا ڏانهن پرواز ڪري ويو۔ اهو به منقول آهي ته جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي چيو ويو: سائين! پنهنجي جان تي ڪجھ نرمي ڪيو، ته فرمايائون: هاڻي منهنجو اعمال نامو بند ڪيو پيو وڃي، هن وَقت نيڪ عملن جو مون کان وڌيڪ ڪير گھڻو حاجت مند هوندو۔                           (عيون الحڪايات،ص۲۵۰ ملخصاً)

مِری زندگی بس تِری بندگی میں

ہی اے کاش! گُزرے سدا یا اِلٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اسان جا اسلاف ۽ اسان:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حِڪايت مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسان جا بُزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِیْن نيڪيون ڪمائڻ جا ڪيتري قدر حَريص هئا جو سيدنا جنيدِ بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سڪرات جو وَقت آهي، ڪمزوري جي ڪري بيهي نماز اَدا ڪرڻ ممڪن نه آهي، عِبادت جي ڪثرت جي سبب پير سُڄيل آهن، تڪليف جي شدّت آهي، انهن تمام عذرن جي باوُجُود به خواهش اها ئي آهي ته وڌيڪ ڪجھ نيڪيون ڪيون وڃن جڏهن ته ٻي پاسي اسان آهيون جو پنهنجي زندگي طرح طرح جي فضول ڪمن ۾ برباد ڪري رهيا آهيون، ٭ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين هر قدم دِين ۽ شريعت جي