Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

موجود هيون مثلاً مرڪڻ جو انداز، گفتگو جو انداز ۽ اشارن سان گفتگو جو انداز وغيره۔ مفتيء دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي جڏهن به پنهنجي مرشد ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضري جو شرف نصيب ٿيندو هو ته پاڻ بارگاھ مرشد ۾ حاضريءَ جي آدابن کي ضرور مد نظر رکندا هئا، مثلاً گوڏن ڀر ويهندا هئا، ان دوران ڪو وظيفو نه پڙهندا هئا، مرشد جي اجازت بغير اتان رخصت نه ٿيندا هئا وغيره .

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اميرِ اهلسنّت جا اوهان جي باري ۾ جذبات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تقريباً هر مُريد پنهنجي پير جي تعريف ڪندو رهندو آهي، ان جون عادتون (Habits) وغيره بيان ڪندو رهندو آهي، پر ڪمال تڏهن آهي جو جڏهن پير پنهنجي مريد جي ساراھ ڪري، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهڙا مُريدِ ڪامل هئا جو جن جي ساراھ خود ان جا پيرو مرشد ڪندي نظر اچن ٿا، ان جي تقويٰ، پاڪ دامني، ذوقِ عبادت، علم ۽ عمل، خوف ۽ خشيت ۽ اخلاص ۽ صدقِ دل سان دعوتِ اسلامي سان وابستگي کي اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ڪيئي ڀيرا بيان ڪيو آهي۔ تقريبا ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته جڏهن اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه مدني مذاڪري ۾ دعا ڪرائيندا آهن ته مفتي دعوتِ اسلامي جو نالو ضرور وٺندا آهن، اهڙي طرح مفتي دعوتِ اسلامي جي وصال جي وقت اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو سندن جنازي نماز پڙھائڻ، پوءِ رقت انگيز دعا ڪرڻ، جنازي کي ڪلهو ڏيڻ، تدفين جي مرحلن ۾ پاڻ موجود رهڻ، تدفين کان بعد تلقين ڪرڻ، قبر تي پاڻ ئي اذان ڏيڻ، قبر جي سيراندي کان سوره بقره جو پهريون رڪوع پاڻ ئي تلاوت ڪرڻ ۽ تدفين کان بعد به روئي روئي دعائون گھرڻ اهي سڀ عمل جتي اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي نيڪين جي حرص تي دلالت ڪن ٿا اتي مفتي دعوتِ اسلامي سان سندن دلي محبت جا گواهه به آهن۔