Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مفتي دعوتِ اسلامي جي باري ۾ ڪهڙا جذبات ۽ تاثرات آهن اچون ٻڌون ٿا، مفتي دعوتِ اسلامي جي ٽيجهي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل اجتماعِ ذڪر و نعت ۾ بيان ڪندي ارشاد فرمايائون: ٭ ڪنهن به مسئلي ۾ رجوع ڪندي مون ڪڏهن به ان (مفتيِ دعوت اسلامي) جي پيشاني تي گھنج نه ڏٺا ٭ ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو ڪجهه مسئلن ان(مفتيِ دعوت اسلامي) مون سان گفتگو ڪئي، پوءِ يا ته مونکي قائل ڪري ڇڏيائون يا پاڻ قائل ٿي ويا، پر مون ڪڏهن کين ناراض ٿيندي نه ڏٺو، بلڪ بيشمار ڀيرا عاجزي ڪيائون ۽ مون کي اهوئي چوندا رهندا هئا ته توهان رهنمائي ڪريو، ٭ انهن (مفتي دعوتِ اسلامي کي) حفاظتِ ايمان جو اهڙو فڪر هوندو هو جو ڇا ٻڌايان؟ ٭ مون انهن جي معاملات کي پاڻ ويجھو کان ڏٺو آهي۔ ٭اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مون انهن جي عاجزي جا ڪيئي معاملات ڏٺا آهن۔  (مفتئ دعوتِ اسلامي، ص۷۴-۷۵)

اميرِاهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب”غيبت جون تباھ ڪاريون“ جي صفحي 466 تي فرمائن ٿا: ٭ دعوتِ اسلامي جي ”مرڪزي مجلسِ شوريٰ“ جا رُڪن مُفتِي دعوتِ اِسلامي الحاج اَلحافِظ اَلقاري حضرتِ علامه مولانا مفتي محمد فاروق عطارِي مدني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ منهنجو حُسنِ ظَن آهي ته اهو دعوت اسلامي جو مُخۡلِص مُبَلّغ ۽ الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄڻ وارو بُزُرگ هو، ڄڻ ته اهي هن حديث پاڪ جا مِصدَاق (نمونو) هئا۔ کُن فِي الدّنيا کَاَنَّک غَرِيبُ (يعني؛ دنيا ۾ اهڙيءَ طرح رهو ڄڻ ته اوهين مسافر آهيو) (صَحيح بُخاري ج 4 ص 223 حديث 6416) وِصال مبارڪ جي تقريبًا 3 سال 7 مهينا 10 ڏينهن کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪيتـرن ئي ڪلاڪن تائين تيز برسات ٿي، جنهن جي ڪري مُفتيءِ دعوتِ اسلامي الحَافِظ الحاج محمّد فاروق عطاري عَلَيهِ رَحمَةُ اللهِ البَارِي جي قبر وچ مان کلي وئي، ٭ ڏسڻ وارن ڏٺو ته سندن لاش مبارڪ ۽ ڪفن اهڙي طرح سلامت هو جو ڄڻ ته هاڻي هاڻي انتقال ٿيو آهي۔ (غيبت ڪي تباه ڪارياں، ص۴۶۶-۴۶۷ ملخصاً) 

منقول آهي ته هن واقعي کان پوءِ ڪنهن مفتي دعوتِ اسلامي جي خواب ۾