Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                    جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

مَزارن تي حاضري جا آداب

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتِي اداري مڪتبة المدينه جي رسالي مَزاراتِ اولیاء کی حِکایات مان مَزارن تي حاضِري جو طريقو ۽ ان جا مدني گل ٻڌون ٿا، جيئن

 ٭ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين جي مزاراتِ تي حاضِري ڏيڻ ۽ اُنهن کان فيض وٺڻ جو بُزُرگن جو معمول رهيو آهي، جيئن ته فقه حنبلي جي پيروڪارن جا شيخ امام خلّال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪو معاملو درپيش ٿيندو آهي، مان حضرت سَيدُنا امام موسيٰ بن جعفر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزارِ پرانوار تي حاضر ٿي سندن وسيلو پيش ڪندو آهيان۔ الله ڪريم منهنجي مشڪل کي آسان ڪري مون کي منهنجي مراد عطا ڪندو آهي۔ (تاريخ بغداد،۱/۱۳۳) ٭  حضرتِ سَيدُنا امامِ شافِعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪا حاجت پيش ايندي آهي ته مان ٻه رَڪعت نَماز ادا ڪري حضرت سيدُنا امامِ اعظم ابو حنيفهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مزارِ انوار تي وڃي الله ڪريم کان دعا گھرندو آهيان، الله پاڪ منهنجي حاجت پوري ڪري ڇڏيندو آهي۔ (الخيرات الحِسان، ص ۲۳۰) (جيڪڏهن ڪو شَخص الله پاڪ جي ولي جي مَزار شريف يا) ڪنهن به مُسَلمان جي قَبر جي زِيارَت لاءِ وڃڻ چاهي ته مُستَحَب هي آهي ته پهريان



[1]    مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵