Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع ”اسلام هڪ ضابطه حيات آهي“. هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين ته اسلام جا عورتن تي ڪهڙا ڪهڙا احسان آهن، هن تعلق سان دورِ فاروقي جو هڪ دلچسپ واقعو به بيان ڪيو ويندو، اسلام والدين جي حوالي سان اسان کي ڪهڙي تعليم ارشاد فرمائي آهي، هن باري ۾ ڪجھ مدني گل به ٻڌنداسين۔ پاڙيسرين جا حق بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ان بابت 3 احاديثِ طيبه به بيان ڪيون وينديون، حضرت سَيدُنا خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي پاڙيسرين سان ڪهڙي طرح جو سلوڪ ڪندا هئا، ان جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ڪيون وينديون۔ تجارتي معاملات کي درست طريقي سان سرانجام ڏيڻ بابت اسلامي تعليمات ۽ بزرگن جي تجارت جو انداز به بيان ڪيو ويندو۔ تنهنڪري آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات)