Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

فيضان ِ مدينه بابُ المدينه ڪراچي ۾ سندن جي پيرومرشد، اَميراهلسنتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پڙھائي۔ سندن جو مزارِ پُرانوار صحراءِ مدينه (نزد ٽُول پلازه باب المدينه) ڪراچي ۾ آهي۔ (مفتي دعوتِ اسلامي،ص۶۱تا۶۵ملخصاًو ملتقطا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مفتي دعوتِ اسلامي جي نرمي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان مفتي دعوتِ اسلامي مفتي محمد فاروق عطاري مدني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جون مختصر جھلڪيون ملاحظه ڪيون، جنهن کي ٻڌي اها ڳالھ روشن ڏينهن وانگر واضح ٿي وڃي ٿي ته سندن سڄي زندگي شريعت ۽ سُنّت جي پيروي ۾ گزاري۔ اهي خوبيون جيڪي بزرگن جي زندگين جو حصو هيون اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مفتي دعوتِ اسلامي جي زندگي به انهن خوبين سان ڀريل نظر ايندي آهي، اوهان خوفِ خدا، عشقِ رسول، حِلم، حوصلو، صبر، حُسنِ سلوڪ، سادگي، قناعت، عاجزي ۽ فڪرِ آخرت سميت ڪيئي عمده ۽ اعليٰ وصفن (Qualities) جا جامع هئا۔ سندن بهترين خوبين مان هڪ نهايت ئي پياري خوبي" نرمي" (Softness) به آهي۔ سندن سيرت جو جائزو ورتو وڃي ته ائين لڳي ٿو ته جيئن نرمي حد کان وڌيڪ سندن طبيعت ۾ شامل هئي۔ هر هڪ سان نرمي سان پيش اچڻ ۽ هر ڪم ۾ نرمي جو مظاهرو ڪرڻ، اهو اوهان جو معمول هو۔ جيئن سندن والده محترمه جو بيان آهي: اسان سندن کي ڪڏهن به ڪاوڙ ڪندي نه ڏٺو، نه ڀيڻ، ڀائرن تي، نه پنهنجي گهرواري تي ڪاوڙ ڪندا هئا، هميشه نرميءَ سان گفتگو ڪندا هئا۔ (مفتئ دعوتِ اسلامي، ص۳۸)

اوهان سان گڏ سُنّتن جي خدمت ڪرڻ واري هڪ مفتي صاحب جو بيان آهي: مفتيء دعوتِ اسلاميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن تي وڏي شفقت فرمائيندا هئا ۽ هر وقت خيرخواهي پيش نظر هوندي هئي، تڪلّف نالي جي ڪا شيء نه هئي، مون کي ڪڏهن به ائين نه چيائون ته ”هي ڪم ڇو نه ڪيو“؟ ۽ مون کي ڪڏهن به دڙڪا نه ڏنائون ۽ نه ئي(مون ان کي) ڪنهن کي دڙڪا ڏيندي ڏٺو۔        (مفتئ دعوتِ اسلامي، ص۳۸)