Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

هڪ سُنّي جامعه مان ڪيو، پوءِ فاروق نگر (لاڙڪاڻي) مان زم زم نگر حيدرآباد ۽ پوءِ 1989 ۾ بابُ المدينه (ڪراچي) منتقل(Shift) ٿي ويا۔ )مفتي دعوتِ اسلامي ،ص۱۳ ملخصاً) ٭ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان مدني ماحول سان وابسته ٿيا۔ ٭ پاڻ پنهنجي عادتن ۽ اخلاق ۾ ٻين شاگردن کان ممتاز حيثيت وارا هئا۔ ٭ سندن معمول هو ته روزانو قرآنِ ڪريم جي هڪ منزِل جي تلاوت ڪندا هئا، اهڙي طرح 7 ڏينهن ۾ مڪمل قرآنِ پاڪ ختم ڪندا هئا۔ ٭ زبان جي حفاظت جي معاملي ۾ تمام مضبوط مدني ذهن بڻيل هو، گفتگو پاڻ شروع ڪرڻ جي بدران اڪثر سامهون واري جي انتظار ۾ رهندا هئا ٭ اوهان کي ڪڏهن ٽهڪ ڏيندي نه ڏٺو ويو، چپن تي مرڪ ضَرور ڏٺي ويندي هئي۔ ٭ اوهان جي تحرير ڪيل فتوائن جو تعداد تقريبًا 4000 آهي۔ ٭ 7 فيبروري 2002ء ۾ پنهنجي مرشدِ ڪريم، اَمِيرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان گڏ حج ۽ زِيارتِ مدينه منوّره جي سعادت جو شرف ماڻيو۔ )مفتي دعوتِ اسلامي، ص ۱۴تا۱۶، ملخصاًو ملتقطاً) ٭ مفتي دعوتِ اسلاميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه 2002ء ۾ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ جا رُڪن بڻا ۽ مرڻ گھڙي تائين مرڪزي مجلسِ شوريٰ ۾ شامل رهيا۔ (مفتي دعوتِ اسلامي،ص۱۷ملخصاً) ٭ سندن معمول هو ته هر مهيني پابندي سان مدني انعامات جو رسالو جمع ڪرائيندا هئا۔ (مفتي دعوتِ اسلامي،ص۲۵) ٭ اوهان گھڻن نيڪ وصفن جيئن خوفِ خدا، عشق ِ رسول، دُنيا کان بي رغبتي، قَناعت پسندي، صبر وتحمل ۽ عاجزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر هئا۔ ٭ ان سان گڏوگڏ پاڻ فرض، واجب، سُنَّتن ۽ مُستَحَبَّات جا عامل، حُسن ِ اَخلاق جا پيڪر، وَقت جا قدردان، درسِ نظامي جا سٺا مُدَرِّس ۽ بهترين امام هئا۔ )مفتي دعوتِ اسلامي، ص۳۴تا ۵۶ملخصاً وملتقطا) ٭18 مُحرمُ الحرام 1427ھ مطابق17 فروري 2006 جُمُعة المبارڪ جو بعد نَمازِ جمعه هن دنيا مان پردو فرمايو۔ (مفتي دعوتِ اسلامي،ص۵۷ ملخصاً) ٭ سندن جي جنازي جي نماز دعوتِ اسلامي جي عَالَمي مَدَني مرڪز