Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

المُومِنِين! نماز! اهو ٻڌي حضرتِ سيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اٿيا ۽ فرمايائون: اللہ جو قسم! جيڪو نماز تَرڪ ڪري ان جو اسلام ۾ ڪو حصو ناهي، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ زخمي حالت ۾ به نماز ادا ڪئي۔    (مصنف ابن ابي شيبه، ۸/۵۷۹، حديث:۱۲)

نماز جي پابندي ۽ اسان:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه يقيني جنّتي هئڻ جي باوجود احڪامِ شرعيه تي ڪيترو عمل ڪرڻ وارا هئا۔ انهن کي نماز سان ڪيتري محبت ۽ نيڪين جو ڪيترو حرص هو جو شديد زخمي حالت ۾ به نماز جو اهتمام ڪيائون۔ هڪ پاسي ته انهن الله وارن جي نمازن سان محبت اسان جي سامهون آهي، جيڪي زخمن سان چُور چُور هئڻ جي باوجود نماز نه ڇڏيندا هئا جڏهن ته ٻي پاسي اڄڪلھ جي نالي جي مسلمانن جو حال بي حال آهي، جن جي اڪثريت نماز پڙھندي ئي نه آهي، جيڪڏهن نماز پڙھڻ جي توفيق ملي به ته بغير توجهه سان پڙھندا آهن۔

 جيڪي نماز باقاعدگي سان پڙھن به ٿا، انهن ۾ به هڪ تعداد اهڙو آهي جيڪي نماز ۽ ان ۾ پڙھيا ويندڙ اذڪارنٿا سکن، پڙهڻ وارن ۾ به هڪ تعداد آهي جيڪو حقيقي معني ۾ نماز جو پابند نه آهي، خوشي ۾ پڙھندا آهن ته ڏک ۾ ڇڏي ڏيندا آهن، ڪجھ ڏک ۾ پڙھندا آهن ته خوشي ۾ ڇڏيندا آهن۔ ڪجھ اهي هوندا آهن جن کي ٿوري تڪليف به پهچي ته اهي سمجھندا آهن ته هاڻي اسان کان نماز معاف آهي حالانڪ ايئن ڪيئن ٿي سگھي ٿو۔ ڪاش! اسان کي به سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جهڙو عبادت جو ذوق ۽ نماز جو شوق ملي وڃي، مدني ذهن ملي وڃي، اسان به پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ۽ اي ڪاش! اسان جي به ڪا نماز بلڪ ڪا جماعت به قضا نه ٿئي۔

اي ڪاش! نماز پڙھڻ سان گڏوگڏ اسان نماز جا مسئلا سکون، نماز جا اهڙا سوين مسئلا آهن، جن جو معلوم هئڻ هڪ نمازي جي لاءِ نهايت ضروري آهي، ٿي سگھي ٿو ته شيطانِ لعين وسوسو وجھي ته نماز جا ته مسئلا ئي ايترا آهن، انهن کي ڪيئن سکون؟ شيطان جي هن وار کي ناڪام بڻائيندي اسان کي