Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

زيارت ڪئي ته پڇيائين؛ اوهان کي اهو مرتبو ڪيئن مليو؟ مرحوم خاموش رهيا، آخرڪار اصرار ڪرڻ تي فرمايائون؛ (زبان تي) قفل مدينه لڳائڻ جي سبب. (دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ ڪنهن به عُضوي کي گناھ ۽ فُضوليات کان بچائڻ کي قُفلِ مدينه لڳائڻ چئبو آهي) مرحوم واقعي نهايت سنجيده ۽ گھٽ ڳالهائڻ وارا هئا، اسان سڀني جي لاءِ هن واقعي ۾ خاموشي جي ترغيب آهي۔  

(مفتي دعوتِ اسلامي،ص۸۹ملخصاً) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس”شُعبه تعليم“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي نيڪي جي ڪمن ڏانهن گامزن ڪري رهي آهي اتي تمام گورنمنٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولز، ڪالجز، يونيورسٽيز ۽ مُختلِف تعليمي اِدارن سان وابسته ماڻهن ۾ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مجلس شُعبه تعليم جو قِيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو بُنيادي مَقصَد انهن اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻ آهي، هي مجلس ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي استادن (Teachers) ۽ شاگردن (Students) سان سٺين سٺين نيتن سان تعلق قائم ڪري انهن کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن سان رُوشناس ڪرائي ٿي۔ ۽ تَعْليمي اِدارن ۾ مدني اِنعامات جو سِلسِلَو جاري ڪندي ۽ هاسٽل ۾ مدرسة المدينه بالِغان قائم ڪري هنن مُستَقبِل جي مِعْمارن جي دِيني ۽ اَخلَاقي تَربِيت جي هر مُمڪن ڪوشش ڪندي آهي.

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن شعبي سان وابسته بي شُمار عاشقانِ رسول، گناهن کان توبه ڪري نمازي ۽ سُنّتن جا عادي بڻجي چڪا آهن۔ الله ڪريم دعوتِ اسلامي جي سمورين مجلسن کي خوب برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                           اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے