Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

پنهنجي گھر (غَير مڪروه وَقت) ۾ ٻه (2) رَڪعَت نَفل پڙھي، هر رَڪعَت ۾ سُورَة الفَاتِحَه کان بعد هڪ (1) ڀيرو اٰية الڪرسِي ۽ ٽي (3) ڀيرا سُورَة الاِخلَاص پڙھي ۽ ان نَماز جو ثَواب صاحبِ قَبر کي پهچائي، الله ڪريم ان فَوت شُده ٻانهي جي قَبر ۾ نُور پيدا ڪندو ۽ ان (ثَواب پهچائڻ واري) شَخص کي تمام گھڻو ثَواب عَطا فرمائيندو۔ (فتاوٰي عالمگيري،۵/۳۵۰)٭  پوءِ سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ کان بعد مَزارات ڏانهن روانو ٿئي ۽ (زائر يعني زِيارت ڪرڻ واري کي گھرجي ته اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ الله تَعَالٰي جي) مَزاراتِ طيبات تي حاضِر ٿيڻ ۾ پيراندي (يعني قدمن) جي طرفان وڃي ۽ گھٽ مان گھٽ چار (4) هٿن جي فاصِلي تي مُواجَهه ۾ (يعني چِهري جي سامهون) بيهي ۽ مُتَوَسِّط (يعني درمياني) آواز ۾ (هن طرح) سَلام عَرض ڪري: اَلسّلَامُ عَلَيک ياسَيدِي وَرَحمَة اللّٰه وَبَرَکاتُه، پوءِ ”دُرُودِ غَوثيه“ ٽي (3) ڀيرا، اَلْحَمْد شريف هڪ (1) ڀيرو، اٰية الْکرْسِي هڪ(1) ڀيرو، سُوْرَة الْاِخْلَاص ست (7) ڀيرا، پوءِ ”دُرُودِ غَوثيه“ ست (7) ڀيرا، ۽ وَقت هجي ته سُوْرَهٔ يٰسٓ ۽ سوره مُلڪ به پڙھي ڪري الله ڪريم کان دُعا گھري ته الٰهي! هن قِراءَت تي مون کي ايترو ثَواب ڏي جيڪو تنهنجي ڪرم لائق آهي، نه اُوترو جيترو منهنجي عَمَل لائق آهي ۽ هن کي منهنجي طرفان هن نيڪ ٻانهي کي نذر پهچاءِ۔ پوءِ پنهنجو جيڪو مطلب، جائز (۽)شرعِي هجي، ان جي لاءِ دُعا ڪري ۽ صاحبِ مَزار جي رُوح کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجو وسيلو قَرار ڏي، پوءِ انهيء طرح سَلام ڪري واپَس موٽي۔ (فتاوٰي رضويه،ص۹ /۵۲۲) ٭ حاضري جي آداب جو خيال رکندي رضاءِ الٰهي جي لاءِ مزار تي حاضري ڏيو ٭ وس آهر با وُضو رهو ٭حاضري جي لاءِ ويندي وضو ڪري وڃو ۽ ذِڪر۽ دُرُود سان پنهنجي زبان تَر رکو۔ (مزاراتِ اوليا ڪي حڪايات، ص۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن