Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

اِفتاء مڪتب ۾ خدمت تي مقرر اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته هڪ ڀيري مڪتب ۾ ڪمپيوٽر جون ميزون رکڻ جو معاملو پيش آيو، مون کان ماپ ۾غلطي ٿي وئي ۽ نتيجتًا آندل ميزون اتي پوريون نه آيون، ڪو ٻيو هجي ها ته شايد مون کي دڙڪا ڏي ها، پر مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي قربان! پاڻ مون کي ان جي باري ۾ ٿورو به نه جهڻڪيائون بلڪ نهايت نرمي سان مون کي منهنجي غلطي ڏانهن متوجهه ڪيائون۔                        (مفتئ دعوتِ اسلامي، ص۳۹)  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نرمي جي اهميت ۽ فائدا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! مفتي دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا نرم مزاج شخص هئا، نرمي سان ڪم وٺندا هئا ۽ نقصان ٿيڻ تي به نرمي جو دامن نه ڇڏيندا هئا ۽ نرمي سان ئي اصلاح به ڪندا هئا۔ اي ڪاش! اسان به نرمي اپنائڻ وارا بڻجي وڃون۔ افسوس! آڄ اسان جي معاشري جو هڪ تعداد آهي، جيڪو نرمي سان تعلق ٽوڙيندي نظر اچي رهيو آهي۔ هڪ تعداد آهي جنهن ۾ نرمي جي جڳھ بيجا سختي ڀريل هوندي آهي۔ نرمي جي ختم ٿيڻ جي ڪري ماڻهن مان خيرخواهي ۽ خدا کان ڊڄڻ جو جذبو ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي۔ نرمي جي ختم ٿيڻ جي ڪري ڳالھ ڳالھ تي وڙهڻ عام ٿيندو پيو وڃي، نرمي جي ختم ٿيڻ جي ڪري ماڻهو ننڍين ننڍين غلطين تي به جھيڙو جھٽو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، نرمي جي ختم ٿيڻ جي ڪري پاڻ ۾ محبتون ۽ صبر ۽ تحمل جهڙيون عمده عادتون ختم ٿينديون پيون وڃن، نرمي جي ختم ٿيڻ جي ڪري ئي عفو ۽ درگذر کان پاسو ڪيو پيو وڃي۔ جڏهن ته نرمي هڪ اهڙي خصلت آهي، جيڪا شريعت کي بيحد مطلوب (Required) آهي، نرمي هڪ اهڙي خوبي آهي، جيڪا تمام ڀلائين جي اصل آهي، نرمي اهڙي صفت آهي جيڪا انسان کي رحم تي اُڀاريندي آهي، نرمي اهڙي صفت آهي جيڪا انسان کي ظلم کان روڪيندي آهي، نرمي اهڙي صفت آهي جيڪا انسان کي تڪبّر کان بچائيندي آهي، نرمي اهڙي صفت آهي