Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

جيڪاانسان ۾ عاجزي ۽ انڪساري پيدا ڪندي آهي، نرمي اهڙي صفت آهي جيڪاٻانهي کي صلح ۽ معافي ڏانهن آڻيندي آهي، نرمي اهڙي صفت آهي جيڪا ٻانهي کي هر دلعزيز بڻائيندي آهي، نرمي اهڙي صفت آهي جيڪا انسان ۾ سختي کي ختم ڪندي آهي۔

اچو نرمي جي فضيلت تي 3 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا:

1- بيشڪ الله پاڪ رفيق آهي ۽ نرمي کي پسند ڪندو آهي ۽ نرمي تي اهو ڪجھ عطا ڪندو آهي جيڪو سختي تي عطا ناهي ڪندو بلڪ نرمي جي علاوه ڪنهن به شيء تي عطا ناهي ڪندو۔

(مسلم، ڪتاب البر والصلة،باب فضل الرفق، ص۱۰۷۲،حديث: ۲۵۹۳)

2-  جيڪو نرمي کان محروم رهيو اهو هر ڀلائي کان محروم رهيو۔

(مسلم ،ڪتاب البر والصلة،باب فضل الرفق، ص۱۰۷۲،حديث: ۲۵۹۲)

 3- الله پاڪ ان شخص تي رحم ڪري جيڪو ڪجھ وڪڻي ته نرمي ڪري، ڪجھ خريدي ته نرمي ڪري ۽ جڏهن پنهنجي حق جي تقاضا ڪري تڏهن به نرمي ڪري۔                 (بخاري، ڪتاب البيوع، با ب السھولة ..الخ، ۲/۱۲،حديث: ۲۰۷۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! جڏهن خريد ۽ فروخت (Sale & Purchase) جي ڪجھ لمحن جي ملاقات ۾ به شريعت کي نرمي مطلوب آهي ته اهي ماڻهو جن سان سالن جو ساٿ هجي اتي ته اڃا وڌيڪ نرمي درڪار هوندي۔ ان ڪري رشتيدار هجي يا اجنبي، وڏو هجي يا ننڍو، دڪاندار هجي يا چوڪيدار، ملازم هجي يا افسر اسان کي هر هڪ سان نرمي سان پيش اچڻ گھرجي۔

البت جتي شريعت سختي جو حڪم فرمايو آهي، اتي شريعت جي دائري ۾ رهندي الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ سختي ڪرڻي پوندي، مثال طور جيڪڏهن محرم بي پردگي ڪري ته ان تي غيرت ڪرڻ، 8 سالن وارو ٻار يا ٻارڙي نماز ۾ سُستي ڪري ته سختي ڪرڻ، پر ياد رهي! نجاست کي نجاست کان پاڪ ناهي ڪيو ويندو، پاڻي سان پاڪ ڪيو ويندو آهي، ائين نه ٿئي جو ڪنهن کي