Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

نيڪين جي حرص ۽ فڪرِ آخرت سان ڀريل هوندا هئا، انهن جي سيرت (Biography) ۽ ڪردار جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوندي آهي ته اهي وڌ کان وڌ نيڪيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا۔ اهي پوڙهائپ ۾ يا عمر جي آخري ڏينهن ۾ ئي نيڪين ڏانهن مائل نه ٿيندا هئا، بلڪ ننڍپڻ کان ئي نيڪين جا شيدائي هوندا هئا ۽ انهن جي سڄي زندگي شريعت جي پيروي ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ گذرندي هئي۔ انهن جي زندگين جا ڏينهن رات اطاعتِ الٰهي ۾ گذرندا هئا، ان جي باوجود به انهن جو نيڪيون ڪرڻ جو جذبو گھٽ نه ٿيندو هو بلڪ نيڪين جو حرص اڃان به وڌندو ويندو هو۔

حضرت جنيدِ بغدادي ۽ نيڪين جو حرص

جيئن منقول آهي ته حضرتِ سَيدُنا جنيدِ بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شروع ۾ آئينن (Mirrors) جو واپار ڪندا هئا، ان دوران به سندن معمول هو ته جڏهن پنهنجي دُڪان تي تشريف کڻي ويندا هئا ته  دڪان اڳيان پردو لڳائي چار سو (400) رڪعت نفل نماز ادا ڪندا هئا، هڪ مُدّت تائين پاڻ هن عمل کي جاري رکيائون۔ پوءِ پاڻ دُڪان ڇڏي حَضرتِ سِرّي سَقَطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ۽ انهن جي گھر جي هڪ ڪوٺي ۾ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا۔ اهڙي طرح پاڻ چاليھ (40) سالن جو ڊگھو عرصو گذاريائون۔ ٽيھ (30) سالن تائين سندن معمول هو ته عشاء جي نماز کان پوءِ بيهي صبح تائين الله الله چوندا هئا ۽ انهيء وضو سان صبح جي نماز ادا ڪندا هئا۔ پاڻ خود فرمائن ٿا ته ويھ (20) سالن تائين مون کان تڪبيرِ اُوليٰ فوت ناهي ٿي۔

                                                  (شرح شجره قادريه رضويه عطاريه،ص:۷۳ ملخصاً)

میں ساتھ جماعت کے پڑھوں ساری نمازیں                     اللہ! عبادت میں مرے دل کو لگا دے

 

حَضْرت سيدُنا ابوبَڪرعطَّاررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن حضرت سيدُنا جُنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو انتقال ٿيو ته مان ۽ منهنجا ڪجھ ديني دوست اتي موجُود هئاسون، اسان ڏٺو ته اِنتقال کان ڪجھ دير اڳ ۾ ڪمزوري جي ڪري