Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

همت ڪرڻ گھرجي، نماز جا مسئلا سکڻ جو ذوق ۽ شوق بيدار ڪرڻ گھرجي،دُنيوي ڊِگريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ اِنسان ڪيتري ڪوشش ڪندو آهي، ڪو به ڪم، ڪاروبار ڪرڻو هجي ته پهريان ان کي سکڻ ۾ ڪيئي ڪيئي سال لڳائيندو آهي، غور ڪريو! ڇا نماز بنا سکڻ جي ئي اسان پڙھي سگھون ٿا؟ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن پُرفتن دَور ۾ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان جي لاءِ الله پاڪ جي هڪ تمام وڏي نعمت آهي، هن نعمت جو شڪر ادا ڪندي اسان کي هن مدني ماحول سان وابسته رهي ڪري خوب نيڪيون ڪرڻ گھرجن، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ جتي ٻيا مختلف مدني ڪورس ڪرايا ويندا آهن، انهن مان نماز بابت هڪ نهايت ئي پيارو ڪورس آهي، جنهن جو نالو آهي "فيضانِ نماز ڪورس"۔ يعني اهو ڪورس بالخصوص آهي ئي نماز جي مسئلن بابت، اهو ڪورس آهي به صرف 7 ڏينهن جو۔ اهو ڪورس رِهائشي هوندو آهي، يعني 7 ڏينهن مڪمل طور تي مجلس مدني ڪورسز جي ڏنل جدول جي مطابق گذارڻ جي برڪت سان نماز جي سوين مسئلن جي معلومات ڄاڻڻ سان گڏوگڏ نماز جو عملي طريقو سکي سگھجي ٿو، نماز ۾ ٿيڻ واريون غلطيون پري ڪري سگھجن ٿيون۔

مجلس مدرسة المدينه آن لائن جي طرفان هن وقت 30 کان وڌيڪ مختلف آن لائن مدني ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، جن ۾ هڪ "فيضانِ نمازڪورس" به آهي، يعني جيڪڏهن ڪو گھر ويهي انٽر نيٽ ذريعي اهو ڪورس ڪرڻ چاهي ته دعوتِ اسلامي اها سهولت به پيش ڪري رهي آهي، هن ڪورس جي مدّت 63 ڏينهن آهي، درجي (ڪلاس) جو دورانيو 30 منٽ آهي ۽ اهو ڪورس اُردو ۽ انگلش 2 زبانن ۾ ڪرايو ويندو آهي، هاڻي ته اسان کي چُستي جو مظاهرو ڪندي نماز سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، اچو! گڏجي پنهنجن جذبن جو اِظهار ڪريون ٿا ته

٭ نماز سکنداسين سيکارينداسين ٭ نماز سکنداسين سيکارينداسين٭ نماز سکنداسين سيکارينداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ