Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  اڄ جي بيان ۾ اسان صحابَه ڪرامرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اجمعين ۽ صالحين (يعني نيڪ ماڻهن) جي نيڪين جي حرص بابت ڪجھ واقعا ٻڌنداسين۔ ان سان گڏوگڏ اسان مفتي دعوتِ اسلامي مفتي محمد فاروق عطاري مدنيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت ۽ ڪردار جون جھلڪيون، سندن زندگي جي مختلف پهلوئن جيئن سندن نرمي، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۽ اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان سندن محبت جي باري ۾ ٻڌنداسين، وقت بوقت مدني تربيت جا مختلف مدني گل به حاصل ڪنداسين۔

اَميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مفتي دعوتِ اسلامي بابت ڪهڙا جذبات آهن اهي به ٻڌنداسين۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان ٻڌڻ وارا بڻجي وڃون۔ ڪي