Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

سندن عاجزي ۽ انڪساري مان اسان کي به سکڻ گھرجي ۽ پاڻ ۾ عاجزي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ عاجزي ڪرڻ وارو بظاهر پاڻ کي جُھڪائي رهيو هوندو آهي پر حقيقت ۾ اهو پنهنجي شخصيت کي بلند ڪري رهيو هوندو آهي۔ ڪيئي حديث سڳورين ۾ عاجزي اپنائڻ جي ترغيب آئي آهي۔ اچو! عاجزي جو جذبو پيدا ڪرڻ جي نيت سان 3 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا:

 1- ٻين کي مُعاف ڪرڻ جي سبب الله پاڪ ٻانهي جي عزّت وڌائيندو آهي ۽ جيڪو شخص الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪندو آهي الله پاڪ ان کي بلندي عطا ڪندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب البروالصلة والآداب، باب استحباب ا لعفووالتواضح ، ص ۱۰۷۱، حديث : ۲۵۸۸)

2-  هر شخص سان گڏ ٻه ملائڪ هوندا آهن ۽ ان کي هڪ لگام وڌو ويندو آهي جنهن جي ذريعي ان کي روڪيندا آهن پوءِ جيڪڏهن اهو پنهنجي نَفس کي اوچو ڪندو آهي ته هو ان کي ڇڪيندا آهن ۽ دعا ڪندا آهن: اي الله ڪريم! هن کي پستي(هيٺائين) عطا فرماء ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي نفس کي پست(هيٺ) ڪندو آهي ته هيئن دعا ڪندا آهن: اي الله ڪريم! هن کي بلندي عطا فرماء۔              (المعجم الڪبير،۱۲/ ۲۱۸، حديث :۱۲۹۳۹ مفھومًا)

3-  ان شخص جي لاءِ خوشخبري آهي جيڪو محتاج نه هئڻ جي باوجود عاجزي ڪري ۽ پنهنجو مال گناهن ۾ خرچ نه ڪري۔

                                 (شعب الايمان، باب في الزڪاة... الخ، ۳/ ۲۲۵، حديث :۳۳۸۸ملتقطاً )

فَخْر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یاربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!طريقت جي راهه ۾ پير جي محبت ۽ ان جي اطاعت