Book Name:Mufti Farooq or Naikeyoun ke Hirs

طور تي نظر ايندي هئي، سندن زيارت کان فيضياب ٿيڻ وارا اسلامي ڀائر هن ڳالھ جا گواھ آهن ته مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، خاص ڪري پاڻ خادمن اسلامي ڀائرن سان وڏي محبت سان پيش ايندا هئا، خادم کي ڄڻ ڀاءُ سمجهندا هئا ۽ ان جو ٻين کان گھڻو قدر ڪندا هئا، وڏين راتين وغيره جي اجتماعن ۾ به اسٽيج  تي تشريف کڻي نه ويندا هئا۔ گلشنِ اقبال باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايترا سادا طبيعت هئا جو مون کي ائين لڳندو هو ته مان هڪ عام اسلامي ڀاءُ سان گڏ آهيان چاهي علائقي ۾ هجن يا مدني قافلي ۾ سفر تي هجن هر جڳھ سادگي ۽ عاجزي، سندن سادگي ڏسي ڪو اهو محسوس نه ڪري سگهندو هو ته هي ايترا وڏا مفتي صاحب آهن۔ هڪ ٻي اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي؛ مفتي ‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎محمّد فاروق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جمعرات جو اجتماع‎‎‎‎‎‎‎‎ کانپوءِ سنّتون سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ به شرڪت فرمائيند‎ا هئا، ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو مون ڪيترن ئي نون اسلامي ڀائرن کي علائقي ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو تعارف عالم ۽ مفتي جي لحاظ کان ڪرايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عاجزي ڪندي فرمائيندا هئا ته مان مفتي ناهيان هڪ ڀيري وڏي پيار سان سمجهايائون ته ”توهان جڏهن منهنجو تعارف اهڙي طرح ڪرائي ڇڏيندا آهيو ته مان ايترو فري ٿي ڪري مدني قافلي ۽ ٻين مدني ڪمن جي دعوت نه ڏئي سگهندو آهيان“۔ (مفتي دعوتِ اسلامي، ص۵۵)

اهڙي طرح جڏهن بين الاقوامي (International) اجتماع ۾ پهرين ڀيرو رڪنِ شوريٰ لاءِ مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نالي جو اعلان ٿيو ته ان وقت پاڻ علاقائي مشاورت جا نگران هئا جڏهن سڀني مبارڪباد ڏيڻ شروع ڪئي ته فرمايائون؛ مفتي فاروق جو اعلان ٿيو آهي اهو ڪو ٻيو هوندو، (ڇو ته مان ته مفتي ناهيان) (مفتي دعوتِ اسلامي، ص۵۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مفتي دعوتِ اسلاميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت خاص ڪري