Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

جي اِعانت (يعني مدد) درڪار هجي ته ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات جي لاءِ وڃڻ، انهن وٽ اُٿڻ ويهڻ، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، انهن سان مهرباني سان پيش اچڻ۔ (ڪتاب الدُرَر الحڪام،۱/۳۲۳ )

(3) پرديس ۾ هجي ته خـط مـوڪـليندو ڪري

جيڪڏهن هي شخص پرديس ۾ هجي ته رشتيدارن وٽ خط موڪلي، انهن سان خط ۽ ڪتابت جاري رکي ته جيئن بي تعلقي پيدا نه ٿئي ۽ ٿي سگھي ته وطن اچي ۽ رشتيدارن سان ملي ڪري تعلق تازه ڪري، ائين ڪرڻ سان محبت ۾ اضافو ٿيندو. (رَدُّالمُحتار ج 9 ص 678) (موبائل فون يا انٽرنيٽ جي ذريعي به رابطي جي ترڪيب مفيد آهي، ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ هڪٻئي سان رابطو ڪرڻ ڄڻ ته گهڻو آسان ٿي ويو آهي، چاهي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڍ ۾ هجي رابطو ٿي سگهي ٿو۔)

(4) پرديس ۾ هجي ۽ ماءُ پيءُ گهرائن ته اچڻو پوندو

جيڪڏهن ڪو پرديس ۾ آهي والدين ان کي گھرائن ته اچڻو پوندو، خط لکڻ(ميل ڪرڻ، ڪال ڪرڻ يا انٽرنيٽ جي زريعي رابطو ڪرڻ) ڪافي ناهي، ائين ئي والدين کي ان جي خدمت جي حاجت هجي ته اچي ۽ ان جي خدمت ڪري، پيءُ کان پوءِ ڏاڏي ۽ وڏي ڀاءُ جو مرتبو آهي، وڏو ڀاءُ پيءُ جي مرتبي ۾ هوندو آهي، وڏي ڀيڻ ۽ ماسي ماءُ جي جڳهه تي آهن، ڪجھ عالمن چاچن کي پيءُ جي مثل ٻڌايو آهي ۽ حديث عَمُّ الرَّجُلِ صِنْوُ اَبِـیْہِ (ترمذی،کتاب المناقب،باب ابی الفضل عم النبی…الخ،۵/۴۲۲،حدیث:۳۷۸۳) (يعني انسان جو چاچو پيءُ جي مثل آهي) مان به هي نتيجو نڪرندو آهي. انهن کان علاوه ٻين جي لاءِ خط موڪلڻ يا هديو (يعني تحفو) موڪلڻ ڪفايت ڪري ٿو۔      (رَدُّالمُحتار ج 9 ص 678)

(5) ڪنهن ڪنهن رشتيدار سان ڪڏهن ڪڏهن ملي

 رشتيدارن سان وقفي سان ملندو رهي يعني هڪ ڏينهن ملڻ وڃي ٻئي ڏينهن نه وڃي وعَلـٰی هٰذا القِياس (يعني انهي تي اندازو لڳائي) ڇوته ان سان محبت ۽