Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

الھدي و الرشاد،۵/۳۳۳ ملتقطاً و ملخصاً) اسان جي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي رَضاعي ڀيڻ سان حُسنِ سُلُوڪ هر ڀاء کي اهو اِحساس ڏيارڻ جي لاءِ ڪافي آهي ته ڀينرون ڪيتري قَدر وقت پيار ۽ حُسنِ سُلُوڪ جون حقدار آهن۔ حضرت سَيدُنا جابِر بن عبدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنهما صرف پنهنجي نو (9) يا ست (7) ڀينرن جي سار سنڀار لهڻ انهن جي ڦڻي چوٽي ۽ سٺي تَربِيت خاطر بيوه عورت سان نڪاح ڪيائون۔

(مسلم، ڪتاب الرضاع، باب استحباب نڪاح البڪر، ص۵۹۳، ۵۹۴، حديث:۳۶۴۱، ۳۶۳۸ ملخصاً)

نیکیوں میں یَا رَسُولَ اللہ دل لگ جائے کاش!

اور گناہوں سے مجھے ہو جائے نفرت یارسول!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شيطان جو ڄار:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دنيا جي مَحَبَّت شيطان جو اهڙو ڄار آهي جو ان ۾ ڦاسجي انسان نيڪ ڪمن کان پري ٿي ويندو آهي، مثال طور پهريان ته مستحبّات کان پري ٿيندو آهي، پوءِ سُنَّتن کان غافل ٿيندو آهي، ان کان بعد فرض ۽ واجب ڇڏڻ جي عادت بڻجندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي حرام ڪمن جو عادي بڻجي ويندو آهي۔ ڪوڙ ڳالهائڻ، غيبت ڪرڻ، ٻين جي دل ڏُکائڻ، ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ ۽ طرح طرح جي حرام ۽ ناجائز ڪمن ۾ زندگي گذرڻ لڳندي آهي۔ ان جي علاوه هي به ڏٺو ويو آهي ته عام طور دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو پنهنجن کي وساري ويهندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو مخلص دوستن کان محروم ٿي ويندو آهي، دنيا ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغول رهڻ وارو غريبن کي حقير ۽ ڪمتر سمجھڻ لڳندو آهي، دُنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو ڪنجوس ٿي ويندو آهي، دُنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ وارو تَڪبُّر جي آفت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي،دنيا ۾ ضرورت کان زِياده مشغول رهڻ واري تي نصيحت اثر