Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

بدنصيب انسان جانورن تي ظلم ڪندا آهن، ان ظلم جون مثالون بيان ڪيون

وينديون ۽ جيڪي خوش نصيب جانورن تي رحم ڪندا آهن، ان جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن اهي به ٻڌايا ويندا، ڪنهن ڪتي کي پاڻي پياريو ته ان جي بخشش ٿي وئي، اهو واقعو به آئنده هفتي بيان ڪيو ويندو ۽ امير اهلسنت جي مرشد ضياءالدين مدني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عرس مبارڪ به ويجهو آهي، ته سندن سيرت جون ڪجهه جهلڪيون به اسان ٻڌنداسين، ايندڙ جمعي رات به توهان جي حاضري ٿيندي، نه صرف پنهنجي حاضري بلڪ ٻين کي به ترغيب ڏياري گڏ وٺي اچجو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])


 

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا