Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

ڪندي رهڻ بدران انهن ڪمن ۾ مشغول هئڻ گھرجي، جن سان اُخروي زندگي سَنورجي سگھي۔ (صراط الجنان، 9/740)

دُنیا کو تُو کیا جانے یہ  بِس کی گانٹھ ہے حَرَّافہ                       صورت دیکھو ظالم کی  تو کیسی بھولی بھالی ہے

شہد دِکھائے زہر پلائے،قاتل،ڈائن،شوہر کُش               اس مُردار پہ کیا للچایا دنیا دیکھی بھالی ہے

دنيا ۽ مالِ دنيا جي مَحَبَّت ۾ انڌا ٿي رشتا ناطا ٽوڙڻ وارن کي بروزِ قِيامت ڪيتري قدر ذِلّت ۽ رُسوائي کي منهن ڏيڻو پوندو، اچو هن باري ۾ 2 عبرت آموز حڪايتون ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو، جيئن

نيري اکين واري بدصورت پوڙهي

حضرت سيدنا فُضَيل بن عِياض رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، حضرت سيدنا عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُما جن فرمايو؛ قيامت جي ڏينهن نيري اکين واري نهايت بدصورت پوڙهي جنهن جا ڏند اڳيان نڪتل هوندا ماڻهن جي سامهون ظاهر ٿيندي ۽ انهن کان پڇا ڪئي ويندي؛ هن کي سڃاڻو ٿا؟ ماڻهو چوندا؛ اسان ان جي سڃاڻپ کان الله پاڪ جي پناهه چاهيون ٿا، چيو ويندو؛ هي اها ئي دنيا آهي جنهن تي اوهان فخر ڪندا هئا، هن دنيا جي ڪري قطعِ رِحمي ڪندا يعني رشتيداريون ٽوڙيندا هئا، انهيءَ جي ڪري هڪ ٻئي سان حسد ۽ دشمني ڪندا هئا، پوءِ ان (پوڙهيءَ جھڙي دنيا) کي جهنم ۾ وڌو ويندو ته رڙيون ڪندي؛ اي منهنجا پروردگار! منهنجي پيروي ڪرڻ وارا ۽ منهنجي جماعت ڪٿي آهي؟ الله پاڪ فرمائيندو؛ انهن کي به ان سان گڏ ڪيو. (موسوعۃلابن ابي الدنيا، ۵/ ۷۲ ،رقم:۱۲۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو ته اهي نادان جو جن دنيا جي خاطر ڪيئي گناهه ڪيا، جيڪي دنيا جي خاطر نيڪن کان پري رهيا، جن دنيا جي خاطر سٺن عملن سان منهن موڙيو، جيڪي دنيا جي خاطر حسد ۽ غيبت جهڙن گناهن ۾ مبتلا ٿيا، جن دنيا جي خاطر ڪوڙ ڳالهايو ۽ واعدا خلافي ڪئي، جيڪي دنيا جي خاطر بد ديانتي ۽ چورين ۾ ملوث ٿيا، جيڪي دنيا جي خاطر دشمني جي باهه ۾ سڙندا رهيا، دنيا جي خاطر جيڪي پاڻ ۾ رشتيداريون ختم