Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

صورت ۾ ٻڌون ٿا: (1) آيت ۾ پنهنجي رشتيدارن سان احسان ڪرڻ جو حڪم آهي.(2) سڀ کان وڌيڪ حق ماءُ پيءُ جو آهي جو انهن سان احسان ڪيو وڃي، باقي مائٽ انهن کان بعد ۾ آهن. (3) ذِي القربٰي اهي ماڻهو آهن جن جو رشتو والدين جي ذريعي هجي، انهن کي ”ذي رحم“ به چوندا آهن. (4) ذي رحم ٽي قسم جا هوندا آهن. هڪ پيءُ جا رشتيدار جيئن ڏاڏو ڏاڏي، چاچو پڦي وغيره. ٻيا ماءُ جا رشتيدار جيئن نانو، ناني، مامو، ماسي. ٽيان ٻنهيء جا رشتيدار جيئن حقيقي ڀاءُ ڀيڻ. (5) ذي رحم ۾ جنهن جو رشتو مظبوط هجي ان جو حق به وڌيڪ ٿيندو. ڀيڻ ڀائرن جو رشتو چاچي ۽ مامي کان وڌيڪ مظبوط آهي تنهنڪري پهريون حق انهن جو ٿيندو.(6) رشتيدار ٻن قسم جا آهن. هڪ اهي جن سان نڪاح حرام جيئن چاچو، پڦي، ماسي وغيره. ضرورت جي وقت انهن جي خدمت ڪرڻ فرض آهي، نه ڪرڻ وارو گنهگار ٿيندو. ٻيا اهڙا رشتيدار جن سان نڪاح حلال هوندو آهي جيئن ماسي، مامي، ۽ چاچي جو اولاد. انهن سان احسان ۽ سٺو سلوڪ ڪرڻ سنتِ مؤڪده آهي ۽ ثواب جو ڪم آهي. (7) باقي رشتيدارن بلڪ تمام مسلمانن سان حسنِ سلوڪ سان پيش اچڻ ضروري آهي ۽ انهن کي ايذا ڏيڻ حرام آهي. (8) سُهريجن ۽ کير جي رشتيدارن ۾ ڪجهه محرم آهن جيئن سس ۽ کير جي ماءُ. جڏهن ته ڪجهه محرم ناهن هوندا. انهن سڀني جا حق آهن، اسلام ۾ ته پاڙيوارن جا به حق آهن. پر هن آيت ۾ اهي ماڻهو داخل ناهن. (تفسير نعيمي،1/447 ملخصاً)

(1) ڪهڙي رشتيدار سان ڪهڙو ورتاءُ ڪجي

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رشتن جي نوعيت بدلجڻ سان رشتيدارن سان حسنِ سلوڪ جا درجا به بدلجندا. رشتن ۾ سڀ کان وڌيڪ مرتبو والدين جو آهي، پوءِ جن سان نسب جي سبب نڪاح هميشه جي لاءِ حرام هجي  انهن جو مرتبو آهي. پوءِ انهن کان بعد باقي رشتدار پنهنجي رشتي جي حساب سان حسنِ سلوڪ جا مستحق ٿيندا. (رد المختار 9/678)

 

(2) رشتيدارن سان حسنِ سلوڪ جون صورتون

ياد رهي صلهءِ رِحم (يعني رشتيدار سان سلوڪ) جون مختلف صورتون آهن، انهن کي هديو ۽ تحفو ڏيڻ، ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ڳالهه ۾ توهان