Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

الله ڪري ته دلجمعي سان اسان اول کان آخر سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون.

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي نصيحت ۽ عِبرت جي مَدَني گلن سان ڀرپُور حڪايتن تي مُشتَمِل نهايت ئي پيارو ڪتاب ”جيسي ڪرني ويسي بھرني“ ۾ آهي ته ٻن سڳي ڀينرن پنهنجي اَولاد جو رشتو پاڻ ۾ طئي ڪيو، ڇوڪريءَ جي نظر ڪمزور هئي جنهن سبب اها چشمو پائيندي هئي۔ ڪجھ عرصي کان بعد ٻنهي ڀينرن وچ ۾ اڻبڻت ٿي، ڳالھ ايستائين وڌي وئي جو هڪ ڀيڻ ٻي کي چيائين: مان پنهنجي صحيح سلامت پٽ جي شادي تنهنجي اَنڌي ڌيءَ (Daughter Blind) سان نٿي ڪري سگھان۔ اهو ٻڌي ٻي ڀيڻ جي دل تي ڄڻ تيرن جي برسات ٿي وئي ته عيب ڪڍڻ واري ٻي ڪا نه بلڪ ان جي سڳي ڀيڻ هئي، بهرحال طعنو ڏيندڙ رشتو ٽوڙي وڃي چڪي هئي۔ ٻي پاسي جڏهن اها گھر پهتي ته ان کي خيال آيو ته لوھ جا پائپ هيٺ اڱڻ ۾ رکيل آهن انهن کي ڇت تي مُنتَقِل ڪري ڇڏيان، ان پنهنجي پٽ کي به هن ڪم ۾ شامل ڪيو۔ خدا جو ڪرڻ ائين ٿيو جو اوچتو لوھ وارو پائپ ان جي هٿان ڇڏائجي سڌو پٽ جي اک تي وڃي لڳو ان جي اک تاري سميت ٻاهر نڪري آئي، ان جي دل تي قِيامت گذري وئي ۽ ان جي ذِهن ۾ پنهنجي سڳي ڀيڻ کي چيل لفظ گونجڻ لڳا ته مان پنهنجي صحيح سلامت پٽ جي شادي تنهنجي اَنڌي ڇوڪريءَ سان نٿي ڪري سگھان، هاڻ ان کي پنهنجي اَنداز تي نَدامت (شرمندگي) ٿيڻ لڳي پر هاڻي ڪهڙو فائدو!! پٽ جي اک ته ضايع ٿي چڪي هئي۔  (جيسی کرنی ويسی بھرنی، ص۴۷-۴۸)

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت                             سچ ہے کہ بُرے کام کا اَنجام بُرا ہے

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! جيڪي ماڻهو ننڍين ننڍين ڳالهين کي بُنياد ٺاهي بنا سبب جي رشتيدارن سان ناطو ٽوڙيندا آهن، انهن جي عزّت خراب