Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

ڪندا آهن ۽ انهن جي دل آزاري جي گناھ ۾ مُبتَلا ٿيندا آهن ته انهن کي ڪيتري ذِلَّت ۽ رُسوائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پر افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اڄ اسان جي مُعاشَري ۾ رِشتيداري ڄڻ ڪچّي ڌاڳي جيان نازُڪ ۽ حسّاس ٿي چڪي آهي۔ پنهنجي نفساني ضِد خاطِر مائٽ پاڻ ۾ ئي هڪ ٻي جي رت جا پياسي ٿي چڪا آهن، معمولي تڪرار سبب مڱڻيون ٽوڙيندا آهن، مالدار رشتيدارن سان ته سڀئي ملڻ پسند ڪندا آهن پر ويچاري غريب رشتيدارن کي ڪير کنگھي به نٿو، اَولاد پنهنجي والِدَين کان منهن موڙي ويٺي آهي، ڀائرن ۾ محبتون خَتم ٿينديون پيون وڃن، سڳي ڀينرن جي پاڻ ۾ ناراضي آهي، سڳي ڀيڻ ڀاءُ ۾ نفرتن جو طُوفان مچل آهي، ماڻهو پنهنجن دوستن (Friends) وغيره سان تمام سٺي نموني سان ملندا آهن پر جڏهن انهن جو ڪو رشتيدار اچي ته ان کان سلام تائين ڪرڻ به پسند نٿا ڪن، جڏهن ته اسان کي اسان جي ربِّ ڪريم رِشتيدارن سان چڱو ورتاءُ ڪرڻ جو حُڪم اِرشاد فرمايو آهي، جيئن سيپاري 21 سُورَةُ الرُّوم جي آيت نمبر38 ۾ الله ڪريم اِرشاد فرمائي ٿو:

فَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰى حَقَّهٗ وَ الْمِسْكِیْنَ وَ ابْنَ السَّبِیْلِؕ-ذٰلِكَ خَیْرٌ لِّلَّذِیْنَ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَ اللّٰهِ٘-وَ اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ(۳۸)

ترجموڪنزالايمان: پوءِ مائٽن کي انهن جو حق ڏيو ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي، اهو انهن لاءِ بهتر آهي جيڪي الله جي رضامندي گھرن ٿا، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن۔

          سيپاري 1سُورَةُ البَقَرَة جي آيت نمبر83 ۾ الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو:

وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًا وَّ ذِی الْقُرْبٰى وَ الْیَتٰمٰى وَ الْمَسٰكِیْنِ (پ۱،البقرۃ:۸۳)  

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪيو ۽ رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان

بَيان ڪيل آيت سڳوري جي تحت حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيڪو بيان فرمايو آهي ان جو خلاصو مدني گلن جي