Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

ڪري ويٺا، جن دنيا جي خاطر فرض ۽ واجب ترڪ ڪيا، جن دنيا جي خاطر حلال ۽ حرام جي پرواهه نه ڪئي، ۽ جنهن دنيا جي خاطر اسان نيڪ ۽ صالح مسلمان نه ٿي سگهياسين، قيامت جي ڏينهن انهيء دنيا سان گڏ انهن بدنصيبن کي به باهه جي نظر ڪيو ويندو. الله تعالٰي دنيا جي محبت کي اسان جي دلين مان ڪڍي نماز روزي جي محبت عطا ڪري.

تُو ڈر اپنا عنایت کر رہیں اس ڈر سے آنکھیں تَر                             مِٹا خوفِ جہاں دِل سے مِٹا دُنیا کا غم مولیٰ

مالِ دنيا جون تباھ ڪاريون

حضرت سَيدُنا ابُوهرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه کان روايت آهي، نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايائون: زمين سون چاندي جي ٿنڀن جھڙا پنهنجي جگر جا ٽڪر ٻاهر ڪڍندي، قاتِل ڏسي چوندو: هن (مال ۽ دَولت) جي ڪري ته مون قَتل ڪيو هو، رشتيداري ٽوڙڻ وارو چوندو: هن (مال و دَولت) سبب مون رشتيداري ختم ڪئي هئي، چور ڏسي چوندو: هن مال جي ڪري ته منهنجو هٿ ڪپيو ويو هو. پوءِ سڀئي ان مال کي ڇڏي ڏيندا ۽ ڪو ان مان ڪجھ نه کڻندو.

(مسلم، ڪتاب الزڪاۃ، باب الترغيب في الصدقۃ…الخ، ص ۳۹۲، حديث:۱۰۱۳)

بَيان ڪيل حديث پاڪ جي تحت حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: ان وقت سون چاندي تمام حقير ٿي ويندو، انهن جي گهڻائي انهن کي معمولي شيء بڻائي ڇڏيندي. تڏهن مجرم افسوس ڪندي چوندا ته افسوس هن حقير شيء تي اسان جا عضوا ڪٽيا ويا. (مراة المناجيح، 7/ 258)

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني قافِلو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! دنيا ۽ مالِ دنيا جي مَحَبَّت ڪيتري قدر تباھ ڪندڙ آهي جيڪا انسان کي مائٽي ٽوڙڻ تي مجبور ڪندي آهي، لهٰذا اڃا به وَقت آهي، هوش ۾ اچو، دنيا ۽ مالِ دنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏايو، ٿوري ٿوري ڳالھ تي رشتيدارن کان رُسڻ جي غيرمناسب عادت کي پنهنجي اندر مان ڪڍي ڇڏيو، انهن جي لاءِ پنهنجي دل نرم رکو، اوهان جو ڪوبه عزيز اوهان کان معافي گھري ته پنهنجي دَولت يا مَنصَب تي ناز ڪرڻ بدران ان کي