Book Name:Rishty Daroon Se Husn e Sulook

گمان ڪرڻ، انهن تي بدگماني نه ڪرڻ هي به سٺي عبادتن مان هڪ عبادت آهي. (مراٰةُ المناجيح ج 6 ص 621)

جنت جو محل ان کي ملندو جيڪو........

بالفرض اسان جو رشتيدار سُستيءَ سبب يا ڪنهن به سبب ڄاڻي واڻي اسان وٽ نه آيو يا اسان کي ان دعوت نه ڏني، بلڪ کلم کلا اسان سان بد سلوڪي به ڪري تڏهن به اسان کي وڏو حوصلو رکندي تعلقات برقرار رکڻ گھرجن، حضرت سيدنا اُبي بن ڪعب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي نبي اڪرم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عظيم الشان آهي؛ جنهن کي هي پسند هجي ته ان جي لاءِ (جنت ۾) محل بڻايو وڃي ۽ ان جا درجات بلند ڪيا وڃن، ان کي کپي ته جيڪو ان تي ظلم ڪري هي ان کي معاف ڪري ۽ جيڪو ان کي محروم ڪري هي ان کي عطا ڪري، ۽ جيڪو ان سان قطع تعلق ڪري هي ان سان ناطو (يعني تعلق) جوڙي. (مُستَدرَڪ للحاڪم،ڪتاب التفسير،۳ /۱۲،حديث: ۳۲۱۵)

بلا حِساب ہو جنَّت میں داخِلہ یاربّ!

پڑوس خُلْد میں سَرور کا ہو عطا یاربّ!

دشمني لڪائڻ واري رشتيدار کي صدقو ڏيڻ افضل ترين آهي

          بهرحال اسان سان ڪو سٺو سلوڪ ڪري يا نه ڪري اسان کي حُسنِ سلوڪ جاري رکڻ گھرجي، حديث پاڪ ۾ آهي؛ بيشڪ افضل ترين صدقو اهو آهي جيڪو دل ۾ دشمني رکڻ واري رشتيدار تي ڪيو وڃي، ان جو سبب هي آهي ته ڪيني رکندڙ رشتيدار کي صدقو ڏيڻ ۾ صدقو به آهي ۽ قطعِ رِحمي